لاهور جي بدقسمتي، اسلام آباد هٿان ناقابل يقين شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندر وچ ۾ ڪانٽيدار مقابلي بعد نيٺ اسلام آباد هارايل ميچ کٽي ورتي. آخري کلاڙي محمد موسيٰ ميچ کٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 19.5 اوورز ۾ 183 رنز ٺاهي ميچ کٽي ورتي. اسلام آباد جا اوپنر رونڪي ۽ منرو ٻئي وري ناڪام رهيا.

ڊيوڊ ميلان 22، شاداب خان 4 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان تيز ترين اننگ کيڏندي 29 بالن 52 رنز ٺاهيون. جوڪولن انگرام تن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 14 بالن تي 30 رنز ٺاهيون. آصف علي هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 11 بالن تي 18 رنز اسڪور ڪيون.

آخري وڪيٽ جي پارٽنر شپ محمد موسيٰ ۽ احمد صفي عبدالله جي جوڙي ميچ کٽرائي موسيٰ هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 11 بالن تي 17 ۽ عبدالله 8 بالن تي 8 رنز اسڪور ڪيون.  اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي لاهور قلندر 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز اسڪور ڪيون. محمد حفيظ 98 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

فخر 33 رنز، ڪرس لين 11، سمت پٽيل 10 ۽ ديوڊ ويز 19 رنز ٺاهي نمايان رهيا. فهيم اشرف ۽ شاداب خان ٻه ٻه ۽ محمد موسيٰ ۽ احمد صفي عبدالله هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. تفصيلي اسڪول لاءِ ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو