ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب پاڪستان سرحد بند ڪري ڇڏي

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ)ايران ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجڻ ۽ 8 شهرين جي فوتگي بعد پاڪستان ايران ويندڙ زائرين کي روڪي سرحدون بد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪي پاڪستاني زائرين ايران ۾ آهن انهن کي في الحال ايران ۾ ترسڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي صوبائي حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني زائرين کي تفتان ۾ پاڪستان هائوس ۾ ترسيل 89 زائرين کي واپس ڪوئٽا گهرايو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايراني حڪومت سان ڳالهيون هلن پيون ته ايران ۾ موجود پاڪستانين جي مڪمل اسڪريننگ ڪري پوءِ کين واپس گهرايو ويندو. صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ جي سربراهه عمران زرقون جو چوڻ آهي ته 100 بسترن تي مشتمل موبائل اسپتال تفتان پهچي وئي آهي جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي اسڪريننگ جي سهولت موجود آهي. ايران مان ايندڙ پاڪستاني زائرين جي مڪمل چڪاس بعد کين ملڪ ۾ ڇڏيو ويندو. ايران ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 15 ماڻهن ۾ وائرس جي نشاندهي ٿي آهي متاثره ميضن جو انگ 43 ٿي ويو آهي جڏهن ته 24 ڪلاڪن ۾ ٽن ماڻهن جي مرڻ بعد مرندڙن جو انگ 8 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو