ملڪيت جي لالچ ۾ پٽ هٿان ماءُ قتل، قبر ڪشائي

ملڪيت جي لالچ ۾ پٽ هٿان ماءُ قتل، قبر ڪشائي

ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) ڏندو ٿاڻي جي حد ۾ 25 ڏينهن اڳ فوت ٿيل بيواه عورت مسمات مٺان ڪهيري جي عدالتي حڪم تي قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ جزا ورتا ويا. اڳ ۾ سندس وارثن طبعي موت ڄاڻايو هو پر ڪيس هاني نئون رخ اختيار ڪيو آهي. سندس موت طبعي نه پر قتل نڪتو ۽ قاتل سندس پاليل پٽ آهي. جنهن جائيداد جي لالچ ۾ اچي کيس قتل ڪيو. مقتول عورت جي پاليل ڌيءَ جي فرياد تي پوليس جوابدار ڄاڻايل پٽ گلزار عرف گلو کي گرفتار ڪري جانچ ڪئي ته جوابدار جرم قبول ڪندي پوليس کي ٻڌايو ته ملڪيت جي لالچ ۾ اچي امان کي رات جي وقت منهن تي ويهاڻو رکي قتل ڪيم جنهن کان پوء اڄ مئجسٽريٽ ٽنڊومحمدخان جي موجودگي ۾ ٽنڊوغلام حيدر پوليس ۽ ڏندو پوليس قبرڪشائي ڪري حيدرآباد ميڊيڪل ٽيم سان گڏ لاش جا جزا ورتا واضع رهي ته 25 ڏينهن اڳ بيوه مٺان زال مرحوم عارف ڪهيري کي سندس پاليل پٽ گلزار عرف گلو قتل ڪري ڇڏيو هو ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتولا کي ڪو به اولاد نه هو جنهن ڪري هن هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري پالي هئي جڏهن ته ڇوڪري جي شادي ڪرائي ڇڏي هئي باقي ڇوڪرو ساڻس گڏ رهندو هو پر گذريل مهيني پٽ جائيداد سندس نالي ڪرڻ جو زور ڀريو انڪار تي کيس قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جي قتل جو شڪ سندس پاليل ڌي مسمات ڪنول کي پيو جنهن پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن کان پوء پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري جانچ ڪئي ته جوابدار اقراري جرم قبول ڪندي قتل جو اعتراف ڪيو جنهن کان پوء اڄ قبرڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا آهن جڏهن ته پوليس پاران وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو