جمهوريت جي رت سان لکيل تاريخ، وفا جي لازوال داستان

جمهوريت جي رت سان لکيل تاريخ، وفا جي لازوال داستان

شرجيل انعام ميمڻ
تاريخ جي سيني تي ڪي سانحا اهڙا نقش ٿي وڃن ٿا جن کي وقت جي ڪا به هوا مٽائي نٿي سگهي. وقت ڪيترن ئي زخمن تي مٽي وجهي ڇڏيندو آهي، نسلون بدلجي وينديون آهن، تخت و تاج نون وارثن حوالي ٿي ويندا آهن، پر ڪي ڏينهن انسانن جي يادگيري تي ئي نه، پر قومن جي اجتماعي ضمير تي به ثبت ٿي ويندا آهن. 18 آڪٽوبر 2007 به اسان جي قومي تاريخ جو اهڙو ئي هڪ ڏينهن آهي؛ هڪ اهڙو ڏينهن جنهن جي صبح جمهوري اميدن جي روشني سان ڀريل هئي، جنهن جي شام عوامي محبت جي بي مثال اظهار سان ڀرپور هئي، پر جنهن جي رات بارود جي بو، رت جي سرخي، مائرن جي آه، ڀينرن جي سڏڪن ۽ يتيم ٻارن جي بي وسي حوالي ٿي وئي.
سانحو ڪارساز رڳو هڪ دهشتگرد حملي جو نالو ناهي، پر اهو ان دور جي سياسي تاريخ جو هڪ رت سان ڀريل باب آهي جنهن ۾ پاڪستان جي عوام جي جمهوري خواهشن کي خوف ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اها انهن بيشمار انسانن جي قربانين جي داستان آهي جيڪي پنهنجي اڳواڻ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، جي استقبال لاءِ گهرن مان نڪتا هئا؛ جن جي دلين ۾ اميد جا ڏيئا روشن هئا؛ جن جي نگاهن ۾ هڪ جمهوري، منصفانه ۽ باوقار پاڪستان جو خواب هو.
18 آڪٽوبر 2007 تي جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو اٺن سالن جي جلاوطني کان پوءِ وطن واپس وري ته ڪراچي جون شاهراهون عوامي محبت جي هڪ بي مثال منظر جي شاهد بڻجي ويون. شهر جو ڪوچو و بازار، گهٽيون ۽ رستا، هر طرف انسانن جو ٺاٺون ماريندڙ سمنڊ نظر اچي رهيو هو. هي رڳو هڪ سياسي اڳواڻ جي وطن واپسي نه هئي؛ هي هڪ ڊگهي سياسي جدوجهد جي نئين باب جي شروعات هئي.
محترمه بينظير ڀٽو جو قافلو شاهراه فيصل کان ٿيندو ڪارساز جي علائقي ۾ پهتو ته ٻن پٺ ورتي ڌماڪن فضا کي لوڏي ڇڏيو. ڪجهه لمحن ۾ جشن استقبال ماتم ۾ بدلجي ويو. خوشي جا نعرا رڙين ۾ تبديل ٿي ويا ۽ اها شاهراه جتي عوام پنهنجي اڳواڻ سان محبت جي اظهار لاءِ گڏ هئي، انساني رت سان رنگين ٿي وئي.
مختلف تاريخي رپورٽن مطابق هن حملي ۾ لڳ ڀڳ ٻه سو ماڻهو شهيد ٿيا ۽ پنج سو کان وڌيڪ زخمي ٿيا. هر انگ اکر جي پٺيان هڪ پوري زندگي هئي؛ هڪ گهر هو، هڪ خاندان هو، هڪ ماءُ جي دعا هئي.
پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ سانحو ڪارساز جي ياد ان ڪري به غير معمولي اهميت رکي ٿي جو اهو ان جي ڪارڪنن جي بي مثال وابستگي، وفاداري ۽ سياسي استقامت جو استعارو بڻجي چڪو آهي.
تاريخ اڃان هن سانحي جو هڪ ٻيو دردناڪ موڙ ڏيکاريو هو. 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ ٻئي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو. ڪارساز کان لياقت باغ تائين جو هي فاصلو رڳو جاگرافيائي نه هو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سندن مڙس آصف علي زرداري جو نعرو ”پاڪستان کپي“ قومي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم علامت طور سامهون آيو.
اڄ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي جي نئين نسل جي سامهون هي تاريخي ذميواري موجود آهي ته هو پنهنجي سياسي ورثي کي رڳو يادگار تقريبن تائين محدود نه رکن.
سانحي ڪارساز جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو سڀ کان معتبر طريقو اهو آهي ته انهن جي ياد کي عوامي خدمت، آئيني حڪمراني، سماجي انصاف ۽ انساني وقار جي تحفظ سان وابسته ڪيو وڃي.
اچو، شهيدن ڪارساز جي ياد کي هڪ زنده عهد ۾ تبديل ڪريون. اهڙو عهد جنهن ۾ انساني جان جو احترام اولين اصول هجي، آئين جي بالادستي ناقابل سمجهوتو هجي، انصاف جي فراهمي رياستي ذميواري سمجهي وڃي.
شهيدن ڪارساز کي اسان جو سلام

پهنجو تبصرو موڪليو