ليکڪ: آزاد انور مهر
اها تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن پاڻ پرائمريءَ ۾ پڙهندا هئاسين. مئٿ ڪڏهن به اسانجو مغز ڪون ماپيو پر فلمن جا ڊائلاگ اهڙا ياد ٿي ويندا هئا، ڄڻ ڪنهن پٿر تي اُڪريل هجن. مئٿ جي مليل هوم ورڪ ۾ حسابن وارو ڪم اڪثر اڌورو رهجي ويندو هو، تڏهن ميڊم (ش) جو مهڻو به مقرر هوندو هو ”ٽن جو کوڙو به نٿو اچيس، باقي ڊائلاگ سڀ ياد اٿس!“ سندس ڳالهه بلڪل سچي هوندي هئي. منهنجو حسابن ۾ ذهن سوڙهو، پر فلمن جي ڊائلاگن ۾ حافظو شاندار هو.
منهنجو ڪلاس فيلو ۽ دوست راحت سيٺار، شاهه رخ خان جو مداح هوندو هو، جڏهن ته مون کي ننڍپڻ کان ئي اداڪارن جي دنيا ۾ ڪجهه الڳ چهرا وڻندا هئا. اسان ٻنهي کي انڊين فلمون ڏسڻ ۽ انهن جا ڊائلاگ ياد ڪرڻ جو جنون هوندو هو. راحت، شاهه رخ خان فلم چاهت جي سحر ۾ گرفتار هو، جڏهن ته مون تي نانا پاٽيڪر جي فلم ”ڪرانتي وير“ ۽ سني ديول جو ڀوت سوار هو. ٻنهي فلمن جا ڊائلاگ رٽي ڇڏيا هئاسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي ٽولي ۾ گڏجي انهن منظرن جي نقل به ڪندا هئاسين ڄڻ اسڪول جي عمر ۾ ئي پنهنجي ننڍڙي اداڪاريءَ جو جهان آباد ڪري ڇڏيو هجي.
ننڍپڻ ۾ سنگت تي شاه رخ ۽ سلمان جو سحر هوندو هو، پر پنهنجي پسند تڏهن به ٿوري الڳ هئي. اڪشي ۽ سني ته سٺا لڳندا هئا پر نانا سان نرالو نينهن هو. جڏهن نانا جي ديهانت جي خبر آئي ته ذهن تي پاٽيڪر جون پراڻيون فلمون ڪنهن خوبصورت يادون ڪنهن وڊيو منظر وانگر پاڻ مرادو هلڻ لڳيون، توڙي اڄ ننڍپڻ پوئتي رهجي ويو آهي پر نانا پاٽيڪر ۽ سني ديول جا اهي ڊائلاگ اڄ به منهنجي يادن ۾ محفوظ آهن.
بالي ووڊ جي بيشمار روايتي هيروز جي وچ ۾ جتي خوبصورتي، لباس ۽ چمڪ ڌمڪ کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي، اتي نانا پاٽيڪر پنهنجي ڪڙڪيدار آواز، منفرد اندازِ، تکي ۽ تيز لهجي ۽ چهري جي نج نظر ايندڙ تاثراتن سان پنهنجي لاءِ اهڙي جاءِ ٺاهي، جتي صرف نانا پاٽيڪر ئي پورو بيهندو هو. هونئن ته ڀارتي سئنيما فن جي دنيا جو اونهو سمنڊ آهن، جتي هر رنگ نسل مذهبن جا ڳڻپ کان گهڻا فنڪار انڊسٽري ۾ اچن ٿا وڃن ٿا پر انهن مان تمام ٿورا اداڪار اهڙا آهن، جن کي رڳو اداڪار چوڻ سندن فن سان ناانصافي ٿيندي. نانا پاٽيڪر جي ڳڻپ انهن ٿورن ۾ ٿيندي آهي.
نانا پاٽيڪر جو اصل نالو وشوناٿ پاٽيڪر آهي. هو پهرين جنوري 1951 تي مهاراشٽر ۾ پيدا ٿيو. سندس ننڍپڻ ۽ جواني آسودگيءَ ۾ نه پر سخت غربت جي گهاڻي ۾ پيسجندي گذري. زندگيءَ جي هڪ مرحلي تي هن روزگار لاءِ روڊن تي زيبره ڪراسنگ جا نشان به رنگيا ۽ پنهنجي هٿن سان ٿيٽرن جا پوسٽر به لڳايا. ائين ٿيٽر جي دنيا ۾ سندس ميل ملاقاتون ماضي جي مثالي اداڪارن سان ٿيڻ لڳيون ۽ ماضي جي اداڪارا سميتا پٽيل سندس ڪڙڪيدار آواز کان متاثر ٿي کيس ادڪاري ڏانهن اچڻ لاءِ همٿايو. نانا پاٽيڪر 1970 واري ڏهاڪي ۾ فلمي دنيا ۾ قدم رکيو، پر اصل سڃاڻپ کيس ”پرندا“ 1989 مان ملي، جنهن ۾ هن هڪ خوفناڪ ۽ ذهني طور اپاهچ ڏوهاري جو ڪردار ادا ڪيو. سندس اداڪاري ايتري اثرائتي هئي، جو ڏسندڙن لاءِ اهو وسارڻ ڏکيو ٿي ويو ته پردي تي نظر ايندڙ شخص رڳو هڪ اداڪار آهي يا اصل ڪردار ۽ هن ئي ڪردار تي کيس قومي فلم ايوارڊ پڻ مليو.
ان کان پوءِ ترانگا، ڪرنتي وير، يشونت، ”ٽيڪسي نمبر 9211“ ۽ ويلڪم جهڙين فلمن ۾ هن پنهنجي فن جا مختلف رنگ ڏيکاريا. ڪٿي هو سخت مزاج پوليس آفيسر بڻيو، ڪٿي ڏوهاري دنيا جو خطرناڪ ڪردار، ڪٿي هڪ اهڙو پيءُ جنهن جي خاموشي ئي سندس اندر جو سڄو درد بيان ڪري ٿي، ۽ ڪٿي وري ”اُدي ڀائي“ بڻجي اهڙي مزاحيه اداڪاري ڪئي، جنهن ماڻهن کي کلائيندي کلائيندي سندس فن جو هڪ نئون پاسو به ڏيکاريو.
نانا پاٽيڪر جي سڀ کان وڏي خوبي سندس ڊائلاگن جي ادائگي جو اهو بيباڪ انداز آهي. هو لکيل لفظن کي ٻين اداڪارن وانگر رٽيندڙ نه پر انهن ڪردار ۾ اصل ڪاوڙ، درد، طنز، بي وسي ۽ روح وجهي ڇڏيندو آهي. ڊائلاگ ادا ڪندي سندس آواز جو اوچتو تيز ٿي وڃڻ، وري هڪ لمحي لاءِ هلڪي ٿڌيرڙي ماٺ ڪرڻ، جملن جي وچ ۾ سيڪنڊن جي ساهي ۽ اکين سان ڳالهائڻ اهي سڀ شيون گڏجي سندس اداڪاريءَ کي اهڙي طاقت ڏينديون هيون، جيڪا هر اداڪار وٽ ناهي.
سندس 1994 ۾ آيل فلم ڪرنتي وير جو ڪردار اڄ به سندس ڪيريئر جي يادگار ڪردارن ۾ شمار ٿئي ٿو. فلم جو ڪلائيمڪس ۽ جيل وارو منظر نانا جي اداڪاريءَ جي شدت جو بهترين مثال آهن. مشهور ڊائلاگ ”آ گئي ميري موت ڪا تماشا ديکني؟“ ۽ سندس هڪ ٻيو يادگار ڊائلاگ آهي ”يه مسلمان ڪا خون هي، يه هندو ڪا خون هي بتا اس ۾ هندو ڪا ڪون سان هي اور مسلمان ڪا ڪون سا هي بتا!“
ترانگا ۾ نانا پاٽيڪر هڪ بيباڪ ۽ ايماندار پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو. راج ڪمار سان ٿيل سندس مڪالمو ۽ ڊائلاگن جي تيز ڏي وٺ فلم جي خاص ڳالهين مان هئا جنهن جا مشهور مشهور ڊائلاگ: ”اپنا تو ايڪ هي اصول هي پهلي لات ڦر بات، اس ڪي بعد ملاقات“ هڪ ٻيو طاقتور ڊائلاگ ”قانون ڪي وردي پهن ڪريه ساڌو غنڊا بن جاتا هي غنڊا!“
فلم ”پرندا“ ۾ هن ”انا“ نالي ذهني طور غير متوازن ڏوهاري جو ڪردار ادا ڪيو. ڪردار جي اندر جو جنون، غصو ۽ خوف نانا اهڙي شدت سان پيش ڪيو، جو اهو ڪردار سندس نالي سان ڳنڍجي ويو. مشهور ڊائلاگ ”ڌندا بند ڪروا ديا تم ني ميرا، اب تم بند هو جائوگي۔“
پوءِ غالبن 1998 يا 99 ۾ اچي ٿي فلم ”يشونت“ جنهن ۾ نانا هڪ اهڙي پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن لاءِ ڏوهارين جي دنيا ۾ سندس نالو ئي خوف جي علامت بڻجي وڃي ٿو. هن فلم جو هڪ ڊائلاگ ته بعد ۾ سڄي برصغير جي عوامي ثقافت جو حصو بڻجي ويو. مشهور ڊائلاگ: ”ايڪ مڇر سالا آدمي ڪو هيجڙا بنا ديتا هي!“ هن فلم ۾ ”مڇر“ واري ڳالهه رڳو هڪ فلمي ڊائلاگ نه رهي هئي، نانا پاٽيڪر ان کي اهڙي انداز سان ادا ڪيو، جو ان ۾ طنز به اچي ويو، مزاح به ۽ زندگيءَ جي هڪ تلخ حقيقت به شامل ٿي هئي.
”ٽيڪسي نمبر 9211“ ۾ ٽيڪسي ڊرائيور ”راگھو شاستري“ جي ڪردار ۾ به نانا پنهنجي اداڪاريءَ جو الڳ رنگ ڏيکاريو ان فلم جو مشهور ڊائلاگ ”سيڌي بات نو بڪواس، ممبئي ۾ رهنا هي تو راگهو شاستري بن ڪر رهو ورنه فٽ پاٿ سو جائو.
نانا پاٽيڪر اهو اداڪار هو، جنهن ڪردار ادا نه ڪيا، پر ڪردارن کي جيئاريو. سندس اداڪاريءَ ۾ مصنوعي بناوٽ گهٽ ۽ زندگي وڌيڪ نظر اچي ٿي، شايد ان ڪري سندس ڪيترائي ڊائلاگ فلمن کان نڪري ماڻهن جي روزمرهه ڳالهين جو حصو بڻجي ويا ۽ ”هڪ مڇر… اهڙا بي مثال ڊائلاگ ادا ڪندڙ نانا پاٽيڪر فن جي دنيا جو ڪمال ۽ زنده دل انسان هو. جنهن سان گذريل ڏينهن دل دوکو ڪري وئي هو 75 سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. نانا پاٽيڪر ته هليو ويو، پر سندس آواز، سندس ڊائلاگ يادن جي پردي تي هميشه هلندا رهندا.










