وچ اوڀر جي جنگ ۽ پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي

وچ اوڀر جي جنگ ۽ پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي

فدا حسين ملڪ
وچ اوڀر هن وقت اهڙي باهه ۾ ٻري رهيو آهي، جنهن جو سيڪ ڪراچيءَ جي بندرگاهه کان وٺي گهوٽڪي جي پيٽرول پمپ تائين محسوس ٿي رهيو آهي. 28 فيبروري 2026ع تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي شروع ڪيل جنگ کي ستن مهينن کان مٿي عرصو گذري ويو آهي، پر امن اڃا پري آهي. هڪ پاسي ايران آبنائي هرمز تان پنهنجي گرفت ڍري ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ٻئي پاسي يمن جا حوثي باب المندب جي ڪنارن تي پهچي ويا آهن ۽ سعودي عرب سان سندن جنگ ٻيهر ڀڙڪي پئي آهي. دنيا جي توانائيءَ جا ٻه وڏا دروازا بارود جي ڍير تي بيٺل آهن. هي ڪنهن پري جي ملڪ جو جهيڙو ناهي، هي اسان جي معيشت، خليج ۾ ويٺل اسان جي مزدورن جي روزگار ۽ اسان جي چلهه جو سوال آهي.
هن جنگ جون پاڙون پراڻيون آهن. 1979ع جي ايراني انقلاب کان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾بد اعتمادي هلندي اچي ٿي. جون 2025ع جي ٻارهن ڏينهن واري جنگ ۾ اسرائيل ايران جي فضائي دفاع کي سخت نقصان پهچايو ۽ آمريڪا فردو، نطنز ۽ اصفهان جي جوهري تنصيبات تي پڻ بم وسايا. انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا مطابق 28 فيبروري تي پهرين ٻارهن ڪلاڪن ۾ لڳ ڀڳ 900 حملا ڪيا ويا، جن ۾ ايران جو رهبر اعلي آيت الله علي خامنه اي شھيد ٿي ويو. ايران وري انجي جواب ۾ سعودي عرب، امارات، قطر، ڪويت، بحرين، عراق، عمان ۽ اردن ۾ آمريڪي اڏن ۽ تيل جي تنصيبات کي نشانو بڻايو.
هن بحران ۾ پاڪستان جو ڪردار خاص آهي. 7 ۽ 8 اپريل تي پاڪستان جي ثالثيءَ سان جنگبندي ٿي ۽ 11 ۽ 12 اپريل تي اسلام آباد ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. اهي ناڪام ٿيون ته آمريڪا ايراني بندرگاهن جي بحري ناڪابندي شروع ڪئي. پوءِ 17 جون تي چوڏهن نڪتن واري اسلام آباد يادداشت تي صدر ٽرمپ، ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ ثالث طور وزيراعظم شهباز شريف صحيحون ڪيون، جنهن ۾ سڀني محاذن تي جنگ بندي، هرمز کولڻ ۽ سٺ ڏينهن اندر حتمي معاهدي جو واعدو هو. پر الجزيره مطابق مبهم لفظن سبب هرمز واري شق جي ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي تشريح ڪئي. جولاءِ ۾ پاسداران انقلاب پاران تجارتي جهازن تي حملن کانپوءِ ٽرمپ معاهدي کي ختم قرار ڏنو ۽ ناڪابندي ٻيهر لاڳو ٿي.
ايران جو اندروني حال به ڏکيو آهي. دي نيو عرب مطابق سيپٽمبر ۾ ايران ۾ مهانگائي 73 سيڪڙو تي پهتي ۽ ريال هڪ ڊالر جي مقابلي ۾ 27 لک تائين ڪري پيو. پر تهران جو لهجو سخت آهي. 4 آڪٽوبر تي قاليباف چيو ته جيستائين اسلام آباد يادداشت جي بنياد تي سندن ست شرطون پوريون نه ٿيون، تيستائين هرمز نه کلندو. آمريڪا قطر وسيلي ان جو جواب موڪليو آهي.
ھن مھل آبنائي هرمز هن جنگ جو اصل مرڪز آهي. آمريڪي توانائي اطلاعاتي اداري مطابق 2024ع ۾ هتان روزانو سراسري 2 ڪروڙ بيرل تيل گذريو، جيڪو دنيا جي ڪل تيل استعمال جو اٽڪل 20 سيڪڙو آهي، ۽ دنيا جي مايع گئس جو به اٽڪل پنجون حصو هتان ئي گذرندو هو. جنگ کانپوءِ هتان تجارتي آمدرفت 90 سيڪڙن کان وڌيڪ گهٽجي وئي. عالمي توانائي اداري موجب آگسٽ ۾ هرمز مان روزانو رڳو 76 لک بيرل تيل گذريو، جيڪو جنگ کان اڳ جي سطح کان اٽڪل 1 ڪروڙ 31 لک بيرل گهٽ هو. خطرو اڃا ختم ناهي ٿيو. تڪرار جي ھڪ نگران اداري ايڪليڊ مطابق سيپٽمبر ۾ ايراني حملن ۾ 21 جهاز متاثر ٿيا، جڏهن ته آگسٽ ۾ اهو انگ 12 هو. 28 سيپٽمبر کان 4 آڪٽوبر تائين هڪ هفتي ۾ هرمز مان لنگهندڙ جهازن جو تعداد 203 مان گهٽجي 157 ٿي ويو.
ھي جنگ شروع تھ اسرائيل ۽ آمريڪا ڪئي پر سعودي عرب ۽ خليجي رياستن لاءِ هي جنگ وڏو امتحان آهي. رائٽرز جي تجزيي مطابق چين جي ثالثيءَ سان 2023ع ۾ ٿيل سعودي ايران صلح هن جنگ ۾ لڳ ڀڳ ٽٽي چڪو آهي. هرمز بند ٿيڻ کانپوءِ سعودي عرب پنهنجو تيل اوڀر اولهه پائيپ لائين وسيلي ڳاڙهي سمنڊ جي بندرگاهه ينبع ڏانهن موڙيو ۽ اتان روزاني برآمد لڳ ڀڳ 10 لک مان وڌي 49 لک بيرل ٿي وئي. پر 10 ۽ 11 سيپٽمبر تي ان پائيپ لائين تي ڊرون حملا ٿيا. ماهرن مطابق سيپٽمبر جي آخر ۾ ٻيهر شروع ٿيڻ کانپوءِ ان مان روزانو رڳو 22 لک بيرل نڪري رهيو آهي، جڏهن ته حملي کان اڳ 55 لک بيرل هو.
يمن جو الميو هن جنگ جو سڀ کان ڏکوئيندڙ آھي. حوثين نومبر 2023ع ۾ ڳاڙهي سمنڊ ۾ جهازن تي حملا شروع ڪيا ۽ افريقا سينٽر فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز مطابق ٻن سالن ۾ اٽڪل 530 حملا ڪيا. 20 جولاءِ 2026ع تي هنن سعودي عرب جي بحري ناڪابنديءَ جو اعلان ڪيو ۽ 2022ع کان هلندڙ جنگبندي عملي طور ٽٽي پئي. 11 آگسٽ تي باب المندب ۾ مال بردار جهاز تهامه تي بيلسٽڪ ميزائلن جي حملي ۾ چار اھلڪار مارجي ويا. 10 سيپٽمبر تي حوثين مخا تي قبضو ڪيو ۽ رپورٽن مطابق ٻئي ڏينهن آبنائيءَ جي وچ ۾ واقع پيرم ٻيٽ تائين پهچي ويا. 4 آڪٽوبر تي سعودي حمايت يافته يمني حڪومت حوثين خلاف وڏي فوجي مهم شروع ڪئي آھي.
هن جنگ جي قيمت يمن جو عام ماڻهو ڀري رهيو آهي. گڏيل قومن جي اداري او سي ايڇ اي مطابق 2026ع ۾ يمن ۾ 2 ڪروڙ 23 لک ماڻهو انساني امداد جا محتاج آهن، جن ۾ 52 لک بي گهر ماڻهو شامل آهن. 1 ڪروڙ 83 لک ماڻهو شديد غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ پنجن سالن کان ننڍا 22 لک کان وڌيڪ ٻار شديد غذائي کوٽ ۾ مبتلا آهن. امدادي ادارن 2 ارب 16 ڪروڙ ڊالرن جي اپيل ڪئي آهي.
جيڪڏھن بابالمندب کي ڏٺو وڃي تھ باب المندب جي ويڪر رڳو 32 ڪلوميٽر آهي، پر دنيا جي ڪنٽينر ٽريفڪ جو اٽڪل 30 سيڪڙو ۽ عالمي واپار جو اٽڪل 12 سيڪڙو هن لنگهه مان گذرندو رهيو آهي. آڪٽوبر 2023ع کان اڳ هتان هر هفتي سراسري 80 جهاز لنگهندا هئا، جڏهن ته جولاءِ 2026ع جي نون حملن کانپوءِ اهو انگ هفتي ۾ 25 جهازن تائين ڪري پيو. 2023ع ۽ 2024ع جي حملن کانپوءِ انشورنس جو پريميم جهاز جي قيمت جي 0.1 سيڪڙي مان وڌي 0.7 کان هڪ سيڪڙو ٿي ويو. مصر جي سوئيز ڪينال جي آمدني 2023ع ۾ 10.2 ارب ڊالر هئي، جيڪا 2024ع ۾ ڪري 3.9 ارب ڊالر ٿي وئي.
ھڪ طرف آمريڪا ناڪابندي ۽ نين پابندين سان تهران کي گوڏن ڀر آڻڻ چاهي ٿو پر ٻي طرف ايران تاريخ م مزاحمت جي نئين داستانن کي جنم ڏنو آھي، دي نيو عرب مطابق پينٽاگان سيپٽمبر جي وچ تائين هن جنگ تي 45 ارب ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪو آهي. چين اپريل جي جنگبنديءَ لاءِ تهران تي زور ڀريو. روس حملن جي مذمت ته ڪئي، پر ايران جي مدد لاءِ ميدان ۾ نه لٿو، الٽو مارچ ۾ تيل جي وڌيل قيمتن مان روزانو اٽڪل 15 ڪروڙ ڊالر اضافي ڪمايائين. اسرائيل لبنان ۾ حزب الله خلاف جنگ ٻيهر کولي، جنهن ۾ الجزيره مطابق گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار ماڻهو مارجي ويا. عالمي مفادن تحت هر طاقت پنهنجي فائدي جو تعين ڪري رهي آهي ۽ نقصان عام ماڻهن جي حصي ۾ اچي رهيو آهي.
تيل جي منڊي هن جنگ جو سڌو شڪار آهي. جنگ کان اڳ برينٽ خام تيل اٽڪل 70 ڊالر في بيرل هو، جيڪو 31 مارچ تي 118.35 ڊالر جي سال جي بلند ترين سطح تي پهتو. 5 آڪٽوبر تي برينٽ 100.32 ڊالر تي بند ٿيو، جيڪو هن سال جي شروعات کان اٽڪل 65 سيڪڙو مٿي آهي.
پاڪستان لاءِ هي انگ اکرن جو کيل ناهي، سڌو گهر جي بجيٽ جو معاملو آهي. اسان جو پيٽروليم درآمدي بل مارچ کان جولاءِ 2026ع تائين اٽڪل 7.7 کان 7.9 ارب ڊالر رهيو، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي عرصي کان اٽڪل 1.3 ارب ڊالر وڌيڪ آهي. وزيراعظم شهباز شريف اپريل ۾ ٻڌايو ته جنگ کان اڳ اسان جو هفتيوار تيل بل اٽڪل 30 ڪروڙ ڊالر هو، جيڪو وڌي 80 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو. جنگ کان اڳ پيٽرول 266.17 روپيا في ليٽر هو، جيڪو 30 سيپٽمبر تي 387.54 روپيا هو، يعني اٽڪل 46 سيڪڙو مهانگو. سنڌ جي هاريءَ لاءِ ان جو مطلب ٽريڪٽر ۽ ٽيوب ويل جي ڊيزل جو مهانگو ٿيڻ آهي، ٽرانسپورٽر لاءِ ڀاڙن جو وڌڻ ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ اٽي، ڀاڄين ۽ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ. سيپٽمبر ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 10.26 سيڪڙو رهي.
خليج سان اسان جو ٻيو وڏو رشتو پرڏيهي ترسيلات جي صورت م آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق 2025-26ع ۾ پاڪستان کي رڪارڊ 41.6 ارب ڊالر ترسيلات مليون. آگسٽ 2026ع ۾ آيل 3.66 ارب ڊالرن مان سعودي عرب 87 ڪروڙ ۽ امارات 75 ڪروڙ ڊالرن سان پهرين ۽ ٻئي نمبر تي رهيا، يعني رڳو انهن ٻن ملڪن مان ڪل ترسيلات جو اٽڪل 44 سيڪڙو آيو. جيڪڏهن سعودي شهرن ۽ تيل تنصيبات تي حملا وڌيا ته خليج ۾ روزگار جي منڊي سڪڙجي سگهي ٿو ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ جا هزارين گهر، جن جو چلهه انهن پئسن تي ٻرندو آهي، سڌو متاثر ٿيندا.
سڀ کان نازڪ موڙ اهو آهي ته پاڪستان هاڻي رڳو ثالث ناهي رهيو. 7 آگسٽ تي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ وچ ۾ مڪي دفاعي معاهدو ٿيو، جنهن تحت هڪ ملڪ تي حملو ٽنهي تي حملو سمجهيو ويندو. 5 آڪٽوبر تي رياض ۾ ان اتحاد جي هنگامي اجلاس ۾ سعودي عرب ۾ فوجون ۽ صلاحيتون جلد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. وزير دفاع خواجه آصف مطابق في الحال پاڪستان جو ڪردار مددگار ۽ نگرانيءَ تائين محدود آهي ۽ جنگي ڪارروائيون رڳو سعودي فوج ڪري رهي آهي. ياد رهي ته اپريل 2015ع ۾ اسان جي پارليامينٽ متفقه قرارداد ذريعي يمن جنگ ۾ غير جانبدار رهڻ جو فيصلو ڪيو هو، ته جيئن پاڪستان امن لاءِ سفارتي ڪردار ادا ڪري سگهي.
ايندڙ مهينن لاءِ ٽي منظرنامي سامهون آهن. پهريون، قطر ۽ پاڪستان جي ڪوششن سان اسلام آباد يادداشت جي بنياد تي نئون سمجهوتو ٿئي، هرمز مرحليوار کلي ۽ تيل سستو ٿئي. ٻيو، موجوده ٿڪائيندڙ جنگ هلندي رهي ۽ ٽينڪرن تي ڇڙوڇڙ حملا، مهانگا انشورنس ۽ سؤ ڊالرن جي آس پاس تيل دنيا جو معمول بڻجي وڃن. ٽيون ۽ سڀ کان خطرناڪ، وڏي جنگ ٻيهر شروع ٿئي ۽ يمن جي جنگ باب المندب کي به بند ڪري ڇڏي. منهنجي نظر ۾ ٻيو منظرنامو سڀ کان وڌيڪ ممڪن آهي، ڇو ته نه آمريڪا رڳو فوجي طاقت سان پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ايران ناڪابنديءَ هيٺ ڊگهي جنگ برداشت ڪري سگهي ٿو، پر اعتماد جي کوٽ ٻنهي کي ٺاهه کان پري رکي رهي آهي.
ان صورتحال ۾ پاڪستان کي هيٺين قدمن جي فوري ضرورت آهي:
1. ثالثيءَ جو ڪردار جاري رکيو وڃي ۽ سعودي عرب جي دفاع جو عزم سفارتي توازن سان نڀايو وڃي، ته جيئن پاڪستان ٻين جي جنگ جو ڌر نه بڻجي.
2. ڪنهن به فوجي ڪردار جو فيصلو پارليامينٽ ۾ کليل بحث کانپوءِ ڪيو وڃي.
3. تيل جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌايا وڃن ۽ درآمد جا متبادل ذريعا ڳوليا وڃن.
4. شمسي، ونڊ ۽ ٿر جي ڪوئلي جهڙن مقامي وسيلن تي سيڙپ ڪري درآمدي تيل تي انحصار گهٽايو وڃي.
5. خليج ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي حفاظت ۽ ضرورت پوڻ تي واپسيءَ لاءِ هنگامي منصوبو تيار ڪيو وڃي.
6. هارين، ٽرانسپورٽرن ۽ غريب طبقي لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي ۽ ڀاڙن جي نگرانيءَ جو سرشتو مضبوط ڪيو وڃي.
7. يمن جي ڏڪار زده عوام لاءِ پاڪستان انساني امداد جو سلسلو شروع ڪري.
وچ اوڀر جي هي جنگ ٻڌائي ٿي ته اڄ جي دنيا ۾ ڪو به ملڪ ٻئي جي باهه کان محفوظ ناهي. هرمز ۽ باب المندب جي سمنڊن ۾ لڳل باهه جي چڻنگ گهوٽڪي جي هاري، ڪراچيءَ جي مزدور ۽ رياض ۾ ويٺل سنڌي محنت ڪش سڀني تائين پهچي رهي آهي. پاڪستان جي اصل طاقت ٽڪراءَ ۾ ناهي، پر پل بڻجڻ ۾ آهي. جيڪڏهن اسان دانشمنديءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ته اسلام آباد امن جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ ٻين جي جنگ جو بار اسان جي ايندڙ نسلن کي کڻڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو