عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو، برينٽ 101 ڊالر في بيرل ٿي ويو

عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو، برينٽ 101 ڊالر في بيرل ٿي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جنهن بعد برينٽ خام تيل جي قيمت 101 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي آهي. رپورٽن موجب برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 93 سينٽ، يعني 0.92 سيڪڙو واڌ کانپوءِ في بيرل قيمت 101.51 ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) خام تيل جي قيمت به 82 سينٽ، يعني 0.92 سيڪڙو اضافي سان 90.25 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي. خبر ايجنسي رائٽرز موجب تيل جي اگهن ۾ واڌ جو هڪ سبب آمريڪا جي تيل پيدا ڪندڙ علائقن مان سپلاءِ متاثر ٿيڻ جا خدشا ۽ يمن جي حوثين پاران سعودي عرب تي حملا آهن. ٻئي طرف وچ اوڀر مان خام تيل جي سپلاءِ ۾ واڌ جو سلسلو پڻ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو