پاڪستان جي ڀارت ۽ روس سان لاڳاپن جو مستقبل

پاڪستان جي ڀارت ۽ روس سان لاڳاپن جو مستقبل

ليکڪ: محمد عامر رانا
اهو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي ته ڪو هڪ ننڍڙو ۽ سادو قدم ڏهاڪن کان هلندڙ ٻن سخت حريفن جي دشمني کي گهٽائي سگهي ٿو. پر تازو اهڙو ئي هڪ لمحو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) لاءِ ڀارت جي قومي رابطاڪار الوڪ دِمري هڪ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد آيو. سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو پاڪستان ۾ اچي خوش ٿيو آهي. ڳالهه سادي هئي، پر شايد اها سرحد جي ٻنهي پاسن تي موجود تلخي کي ڪجهه گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
مسٽر دِمري اسلام آباد ۾ نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي دوري دوران اهي ڳالهيون ڪيون. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گڏيل ورثو، فن ۽ ثقافت بار بار انهن زهريلي بيانين جو شڪار ٿيندا رهيا آهن، جن جو مقصد نفرت کي ڀڙڪائڻ هوندو آهي. پر ثقافتي لاڳاپو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل وابستگي جو هڪ مضبوط احساس رکي ٿو. شايد ڀارتي نمائندي جي دوري مان تمام گهڻو مطلب ڪڍڻ يا سندس لفظن کي گذريل مئي واري ڇڪتاڻ کانپوءِ لاڳاپن ۾ بهتري جو ثبوت سمجهڻ وقت کان اڳ هوندو. تنهن هوندي به، هي واقعو ڪجهه اميد ضرور پيدا ڪري ٿو: جيڪڏهن ٻنهي پاسن جا اڳواڻ اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪن، ته ڳالهين جو عمل ٻيهر تيزيءَ سان بحال ٿي سگهي ٿو.
بهرحال، اميد رکڻ سان گڏ حقيقت پسندي به ضروري آهي ــ جيئن اها اميد به ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي اسلام آباد ۾ ايندڙ سال ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو هڪ معجزو هوندو ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن جو سڀ کان وڏو حيران ڪندڙ واقعو به ــ 1988ع ۾ سارڪ سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ راجيو گانڌي جي اسلام آباد اچڻ يا 1999ع ۾ اٽل بهاري واجپائي جي لاهور اچڻ کان به وڏو. ٻنهي موقعن تي ٻن پاڙيسري ملڪن وچ ۾ امن بابت تمام وڏيون اميدون پيدا ٿيون هيون. پوءِ حقيقت ۾ ڇا ٿيو، اها هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن کان سڀ واقف آهن.
هڪ ٻيو معجزو اهو هوندو جيڪڏهن روسي صدر ولاديمير پيوٽن ايندڙ سال اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪري. پاڪستان هن دوري بابت وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته شايد ان سان سندس جغرافيائي سياست ۽ وچ ايشيا بابت ارادن ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي، جڏهن ته علائقائي بحث کي اهڙي رخ ۾ به وڌائي سگهجي ٿو، جيڪو ڀارت لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي.
پاڪستان روس سان دفاعي سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي رکندو، پر خاص طور تي ماسڪو کان اسلام آباد تائين گهڻو بحث هيٺ رهندڙ ريلوي منصوبي ۾ اڳڀرائي ڪرڻ ۽ موجوده 7,000 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي نيٽ ورڪن کي استعمال ڪندي مال برداري جو رستو قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو. ان رستي ذريعي پاڪستان کي وچ ايشيا ۽/يا ايران وسيلي روس سان ڳنڍي سگهجي ٿو.
ڏهاڪن دوران پاڪستان، وچ ايشيائي ملڪن ۽ ايران ڪيترائي سرحد پار منصوبا سوچي چڪا آهن ۽ هر ڀيري وڏي جوش ۽ جذبي سان انهن جو اعلان ٿيو، پر انهن مان ڪوبه عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو. افغانستان کي هميشه الزام جو بار کڻڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان سان سندس لاڳاپا انتهائي پيچيده رهيا آهن.
روس جو امڪان آهي ته پاڪستان سان پنهنجو سهڪار وڌيڪ گهرو ڪرڻ بابت محتاط رهندو.
ڇا اها ڳالهه دلچسپ ناهي ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل طور وڙهيل روايتي جنگيون شايد مجموعي طور ڪجهه هفتن کان وڌيڪ نه هليون، جڏهن ته پاڪستان جي سڀ کان ڊگهي جنگ سوويت يونين خلاف افغانستان ۾ وڙهي وئي؟ پاڪستان ۽ افغان مجاهدين، آمريڪا سان گڏجي، روسين کي شڪست ڏني، جنهن کانپوءِ سوويت رياست جو خاتمو ٿيو. پاڪستاني قيادت اڄ به ان ڪاميابي تي فخر ڪري ٿي.
يقيناً وقت تبديل ٿي چڪو آهي ۽ پاڪستان نوان معاشي ۽ دفاعي موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر روس پاڪستان سان پنهنجو سهڪار وڌائڻ ۾ غالباً محتاط رهندو. ان جو سبب ٻنهي ملڪن جو تلخ ماضي نه آهي، جنهن کان ٻئي ملڪ اڳتي نڪري چڪا آهن، پر علائقائي مفادن ۾ فرق آهي، خاص طور افغانستان بابت، ۽ ڀارت سان روس جي گهري ۽ ڊگهي عرصي کان هلندڙ لاڳاپن جو پڻ ان ۾ وڏو ڪردار آهي.
روس ۽ ڀارت وچ ۾ دفاعي ۽ معاشي سهڪار لازمي طور پاڪستان سان لاڳاپا وڌائڻ ۾ رڪاوٽ نه آهي. پر ان جو مطلب اهو ضرور آهي ته ان حوالي سان اسلام آباد کي روس جو ترجيحي ساٿي نٿو سمجهي سگهجي.
معاشي لاڳاپن ۾ فرق تمام وڏو آهي: پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفو واپار اڌ ارب ڊالر کان به گهٽ آهي، جڏهن ته ڀارت ۽ روس وچ ۾ واپار لڳ ڀڳ 69 ارب ڊالر آهي. دفاعي سهڪار جي حوالي سان اهو فرق اڃا وڌيڪ نمايان آهي.
ڀارت ڪيترن ئي فوجي ۽ فني سهڪار جي منصوبن ذريعي روس سان اعليٰ سطح جو فوجي سهڪار برقرار رکي ٿو، جنهن ۾ گڏيل تحقيق ۽ ترقي، گڏيل طور نئين دفاعي سامان جي تياري، گڏيل پيداوار ۽ وڪري کانپوءِ سهڪار شامل آهن. ان جي ابتڙ، روس جو پاڪستان سان دفاعي سهڪار محدود نوعيت جو آهي ۽ اهو ڪنهن اسٽريٽجڪ فوجي ڀائيواري جي سطح تائين نٿو پهچي.
ساڳئي وقت، ڀارت پاران پنهنجي دفاعي ڀائيوارين ۾ واڌارو ڪرڻ سان روس سان سندس لاڳاپا خاص طور ڪمزور نه ٿيا آهن. ماسڪو کي ٻين ملڪن سان نئين دهلي جي وڌندڙ دفاعي لاڳاپن جي ڪجهه پاسن تي تحفظات ٿي سگهن ٿا، پر ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ بنيادي بگاڙ جا ڪي واضح نشان نظر نٿا اچن.
تنهن ڪري پاڪستان ۾ روس جي دلچسپي گهڻي حد تائين جغرافيائي سياست تي ٻڌل آهي ــ اسلام آباد سان لاڳاپا برقرار رکڻ سان ماسڪو اهو ڏيکاري سگهي ٿو ته عالمي سطح تي سندس ڀائيوارين جو دائرو وسيع آهي. ساڳئي وقت هو پاڪستان جي سياسي ۽ سلامتيءَ جي معاملن سان لاڳاپيل اڳواڻن سان رابطي جا دروازا کليل رکي سگهي ٿو، جن ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن، جن جا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ويجها لاڳاپا آهن.
عوامي سفارتڪاري اهو هڪ شعبو آهي، جنهن ذريعي روس پنهنجي حمايتي حلقن کي برقرار رکڻ ۽ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان لاءِ هو پاڪستاني ميڊيا، تعليمي ماهرن، راءِ ٺاهيندڙن ۽ پاليسي سازن کي مٽاسٽا جي پروگرامن ذريعي پاڻ سان ڳنڍي ٿو. ايس سي او پڻ هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جنهن کي روس ٻين ڀائيوارن جي ڀيٽ ۾ عوامي سفارتڪاري لاءِ وڌيڪ استعمال ڪري ٿو.
روس ۽ پاڪستان دهشتگردي خلاف خدشن ۾ هڪجهڙا مفاد رکن ٿا، پر افغانستان بابت ٻنهي جا طريقا بلڪل مختلف آهن. روس طالبان حڪومت کي تسليم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي خلاف سخت جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ افغانستان کي هن جنگ جو هڪ ذريعو سمجهي ٿو.
علائقائي معاشي ۽ واپاري مفادن جي لحاظ کان به ٻنهي جون ترجيحون مختلف آهن. روس چاهي ٿو ته افغانستان وچ ايشيا ۾ سندس اتحادي ملڪن جي دائري ۾ رهي. ٻئي طرف پاڪستان افغانستان ۾ انهن معاملن ۾ آمريڪا جو هڪ اهم ڀائيوار آهي، جتي ٻنهي ملڪن جا مفاد هڪ ٻئي سان ملن ٿا. اها صورتحال رڳو روس کي ئي نه پر چين کي به پريشان ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته چين چاهي ٿو ته آمريڪا سندس ويجهي علائقي کان پري رهي. آمريڪا کي افغانستان مان نڪرڻ ۾ ٻه ڏهاڪا لڳا، ۽ چين نٿو چاهي ته آمريڪا ٻيهر هن خطي ۾ واپس اچي.
اها حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي ته ڀارت ۽ روس جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران تمام گهٽ رڪاوٽن جو شڪار ٿيا آهن. ان جي ابتڙ، پاڪستان آزاديءَ کانپوءِ آمريڪا کي پنهنجو اسٽريٽجڪ ساٿي چونڊيو. تنهن هوندي به، انهن جا لاڳاپا هميشه هموار نه رهيا آهن. چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري پڻ تازو آزمائش مان گذري آهي، جنهن جو سبب سي پيڪ سان لاڳاپيل تڪرار ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين بابت اندروني سلامتي جا خدشا آهن.
شايد پاڪستان جي طاقتور اشرافيه جي هڪ حصي لاءِ روس نئين محبت جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، پر ٻنهي ملڪن وٽ هڪ ٻئي سان ونڊڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ناهي.
۽ آخر ۾ هڪ اميد ڀريو سوال: جيڪڏهن ڀارت ۽ پاڪستان امن سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪن ته ڇا ٿيندو؟ ان جو جغرافيائي سياسي اثر ڪهڙو  .هوندو؟ (نوٽ هي مضمون 4 آڪٽوبر تي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان اسين پيش ڪري رهيا آهيون. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو