غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ ناانصافی جو شڪار معاشرو

غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ ناانصافی جو شڪار معاشرو

طفيل مگسي
اسان هڪ اهڙي خطرناڪ دور ۾ ساھ کڻي رهيا آهيون،جتي انسان جي لاء جيئڻ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو۔معاشري جو هر طبقو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ محرومي،بيوسي ۽ بي انصافي جو شڪار آهي۔غربت،جنهن گهر جي اڱڻ تي خيما کوڙي چڏيا آهن،بيروزگاريء کان تعليم يافته نوجوانن جا خواب چڪنا چور ٿي رهيا آهن۔مهانگائيء زندگي کي عذاب بڻائي چڏيو آهي ۽ انصاف هاڻي صرف طاقتورن جي لاء هڪ حاصلات جي قابل نعمت بڻجي چڪو آهي۔اهي چار زنجيرون اهڙيون آهن ته جيڪي اسان جي گڏيل زندگي کي قيد ڪيون پيون آهن۔غربت صرف پئسي جي کوٽ ناهي بلڪ مواقعن جي کوٽ جو ٻيو نالو آهي۔اسان جون ٻهراڙيون هجن يا شهر،لکين خاندان اهڙا آهن جن جي ٻارڙن جو مستقبل روزي جي ڳولا ۾ قربان ٿي وڃي ٿو۔تعليم هڪ خواب،علاج هڪ عياشي ۽ بهتر زندگي هڪ افسانو بڻجي چڪي آهي۔جڏهن رياست وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ۾ ناڪام رهي ٿي،ته امير ۽ غريب جي وچ ۾ خليج ڪشادي کان ڪشادي ٿي وڃي ٿي۔اهائي خليج معاشرتي چڪتاڻ،ساڙ،ڏوھ ۽ بدامني کي جنم ڏيئي ٿي۔بيروزگاري محض هڪ معاشي مسئلو ناهي بلڪ هڪ نفسياتي ۽ اخلاقي بحران به آهي۔جڏهن هڪ تعليم يافته نوجوان سالن جي محنت کانپوء به روزگار حاصل نه ڪري ته اهو معاشري کان اميد وڄائي ويهي ٿو۔نتيجن ذهني دٻاء،نشي جي عادت،خودڪشي ۽ ڏوهن ۾ واڌارو ٿيئي ٿو۔رياست جي لاء اهو سوچڻ جو مقام آهي ته اها نوجوانن کي روزگار جا مواقعا ميسر ڪرڻ ۾ چو ناڪام رهي ٿي؟جڏهن صلاحيتون ضايع ٿينديون آهن ته اصل ۾ ملڪ جو ناڻو ضايع ٿيئي ٿو۔مهانگائي خاموش قاتل مهانگائي اڄ سڀ کان وڏو عذاب بڻجي چڪي آهي۔ماني،ڪپڙو ۽ گهر جن کي ڪڏهن بنيادي ضرورتون سڏيو ويندو هو ،هينئر خواب بڻجي ويا آهن۔پگهارون ماٺار جو شڪار آهن،مگر روزاني جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جو قيمتون ڏينهون ڏينهن بي پاڙي ول جيان وڌي رهيون آهن۔هڪ وچولي طبقي وارو گهر جڏهن پنهنجي آمدني جو هڪ وڏو حصو کاڌي،بجلي،گيس ۽ ڪرائي ۾ پورو ٿي ڪري چڏي ٿو ته ٻارڙن جي تعليم ۽ علاج جي لاء ڪجھ به نٿو بچي۔اهوئي اهڙو مقام آهي،جتان کان غربت هڪ۔نئين دائري ۾ داخل ٿي وڃي ٿي، ۽ معاشرو هڪ نه ختم ٿيندڙ بحران جو شڪار ٿي وڃي ٿو۔بي انصافي ڪنهن به قوم جي تباهي جو پهريون ڏاڪو آهي۔جڏهن قانون ڪمزور تي سخت ۽ طاقتور تي نرم ٿي وڃي،ته انصاف جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو۔عام شهري کي جيڪڏهن انصاف جي لاء سالن جا سال عدالتن جا چڪر ڪاٽڻا پون ۽ اثر و رسوخ وارا ڏوهاري ڪجھ ڏينهن ۾ آزادي ٿي وڃن،ته عوام جي دلين ۾ رياست جي لاء احترام باقي نٿو رهي۔اهوئي محرومي احساس جو احساس بغاوت ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ تاريخ شاهد آهي ته جڏهن ابصاف ختم ٿي وڃي ته سلطنت تباھ ٿي وڃن ٿي ٿيون۔هن سمورن مسئلن جو حل صرف نعرن ۾ ناهي بلڪ عملي قدمن ۾ لڪل هي۔ريازت کي گهرجي ته: تعليم کي مفت ۽ معياري بنائڻ۔صنعتي ترقي جي وسيلي روزگار پيدا ڪري قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاء شفاف نظام قائم ڪري۔عدالتي ۽ انتظامي سڌارن جي وسيلا انصاف کي عام ڪري۔۽ سڀ کان وڌي ڪري بدعنواني جي خلاف حقيقي ارادو ڏيکاري۔عوام کي به پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي۔ايمانداري،محنت،ديانت ۽ شعور سان گڏ پنهنجو آواز بلند ڪرڻو پوندو۔جيڪڏهن ساسان خاموش رهياسين ته ايندڙ نسل به انهن ئي زنجيرن ۾ جيڪڙيل رهندا۔اسان کي اهو سمهجڻو پوندو ته غربت،مهانگائي، ۽ بي انصافي ڪا قدرتي آفت ناهي ،اهي انسان جي ٺاهيل نظام جون خرابيون آهن۔جيڪڏهن نيت،نظم ۽ انصاف سان گڏ سڌارا ڪيا وڃن ته اهوئي معاشرو خوشحالي،امن ۽ ترقي جو مثال بڻجي سگهي ٿو۔وقت اچي ويو آهي ته اسان صرف شڪايتون نه بلڪ عمل ڪاون۔چاڪاڻ ته معاشري جي تبديلي جي شروعات هڪ سجاڳ ضمير سان ٿيندي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو