اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ کي ڪيترائي ڀيرا موقعا ڏنا ويا، پر پارٽي طرفان ڪو مناسب جواب نه مليو، باني پي ٽي آءِ جي آزادي عدالتي معاملو آهي، عدالت سان رجوع ڪري کيس آزاد ڪرايو وڃي.اسلام آباد ۾ نيشنل فارنزڪ ايجنسي ليبارٽري جي دوري دوران تقريب کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته شهرن تي چڙهائي ڪري مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن، حڪومت ڳالهين کان انڪار نٿي ڪري، پر ان لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ ضروري آهي.وفاقي وزير جو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن پي ٽي آءِ اسلام آباد لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته وفاقي ۽ خيبرپختونخوا حڪومت وچ ۾ امن امان، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ واري حڪمت عملي ۽ صوبائي انتظامي معاملن تي اختلافن ۾ پڻ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.اعظم نذير تارڙ چيو ته اسلام آباد تي بار بار چڙهائي ڪئي وئي، محفوظ پاڪستان لاءِ محفوظ گاديءَ وارو شهر ضروري آهي. پي ٽي آءِ جي ماضي جي ڌرڻن کان سڀ واقف آهن، مئي 2023ع ۽ نومبر 2024ع ۾ جيڪي واقعا پيش آيا، انهن بابت ٻڌايو وڃي ته ڇا ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو درست هو؟وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي.گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ بابت سوال تي اعظم نذير تارڙ چيو هو ته جيڪڏهن صوبي ۾ آئين تحت گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت پيدا ٿي ۽ مقرر ڪيل آئيني شرطون پوريون ٿيون ته ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويندي.هن چيو ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت آئين ۾ طريقيڪار بلڪل واضح آهي ۽ ان معاملي ۾ سمورا آئيني گهرجون نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا ويندا.واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اسلام آباد لانگ مارچ جي اعلان کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ هلي رهيون آهن. ان حوالي سان سهيل آفريدي ۽ اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا بيان پڻ سامهون اچي چڪا آهن.










