راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بلوچستان ۾ ”فتنه الهند“ گروپ خلاف سخت آپريشن ڪري رهيا آهن،ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ هڪ ڪمانڊر سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، مستونگ ۾ هڪ آپريشن دوران ”فتنه الهند“ گروپ جي گاڏي کي ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي نشانو بڻايو ويو؛ ان دوران ڪمانڊر نقيب سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن ان وقت تائين جاري رهندا جيستائين آخري دهشتگرد جو خاتمو نه ٿي وڃي.هڪ ٻئي واقعي ۾، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) پشين جي علائقي ”سرانان“ ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي هڪ آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 مبينا دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي جي ترجمان ٻڌايو ته فائرنگ جي ان ڏي وٺ دوران 4 اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا. مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق هڪ پابندي مڙهيل تنظيم سان ٻڌايو پيو وڃي ۽ انهن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.سي ٽي ڊي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي ٿيندڙ حملن ۾ ملوث هئا.










