ٺٽو (ن س) گجي ويجهو تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر، جنهن جي نتيجي م ھڪ نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو، گجي ويجهو مهراڻ فارم جي بلڪل سامهون تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سوارن کي پويان کان زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ گهارو شهر جا رهواسي جوکيا برادري سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان شديد زخمي ٻہ ٻارڙا زخمي ٿي پيا ، جڏهن ته فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ اعظم ولد الھ بخش ٿي آهي. زخمي ٿيل ابراهيم ولد موندر کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏيڻ بعد ڪراچي اسپتال ريفر ڪيو ويو، جڏهن تہ فوت ٿيل اعظم کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو پهچايو ويو.










