ڪڻڪ جي فصل تي خطرناڪ وائرس جو حملو، آبادگار پريشان

ڪشمور(اصغر علي چانڊيو) تعلقي جي مختلف علاقن ۾ ڪڻڪ جي بيٺل فصل تي خطرناڪ وائرس جي حملي سبب ڪيترن ئي ايڪڙن  جي تعداد ۾ پوکيل فصل سڪي سڙي تباھ ٿي ويو آهي. جڏهن ته آبادگارن ۽ ھارين پاران زرعي دوائون اسپري ڪرڻ  باوجود وائرس تي ڪنٽرول نٿي سگھيو آهي. ان سلسلي ۾ آبادگارن عطاءُ الله مزاري، قابل جکراڻي، غلام علي مزاري، خير محمد سولنگي، شوڪت شر، محبوب علي سولنگي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ھڪ ھفتي کان وٺي ڪڻڪ جي فصل تي خطرناڪ وائرسس جو حملو بار بار اسپري ڪرڻ  باوجود به وائرس تي ڪو به فرق نه ٿو پوي. آبادگارن موجب ته وائرس لڳڻ سبب فصل متاثر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ اندازي موجب في ايڪڙ پيداواري اپت 20 کان 25 مڻ لھڻ جو امڪان آهي تنهن ڪري واپارين کان وياج تي کنيل ٻج ڀاڻ ۽ ڊيزل جا لکين رپيا خرچ ڳچي ۾ پوڻ جا امڪان آهن. آباگارن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، زراعت کاتي جي صوبائي وزير، ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۽ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري سطح تي زرعي ماھرن جون ٽيمون موڪلي وائرس جو معائنو ڪرائڻ بعد سرڪاري خرچ تي اسپري ڪرائي فصل کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو