ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو ذميوار عمران آهي؛ مولانا اسدالله

مٽياري (رياض چانڊيو) سنڌ ۾ مزاحيه انداز ۾ ديني خطاب ڪري سوشل ميڊيا تي نوجوانن ۾ مشهوري ماڻيندڙ نامور عالم دين جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا اسد اللہ کهڙو مٽياري ميڊيا هائوس تي پهچي سينيئر صحافي رياض چانڊيو سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا اسدالله کهڙو جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ حد کان وڌي ويل مهانگائي جو ذميوار عمران خان آهي جنهن اسان کي نئين پاڪستان جا خواب ڏيکاري پراڻي پاڪستان کي به پنڪچر ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته منهنجي خطاب جا ٻه رخ هوندا آهن هڪ شريعت پيش ڪرڻ ۽ ٻيو معاشري جي عڪاسي ڪرڻ هن وقت دنيا ۾ سوشل ميڊيا جو دور آهي ۽ معاشري ۾ هن وقت سوشل ميڊيا جو ڪردار اهم بڻجي چڪو آهي ۽ سوشل ميڊيا جي ڪري عام ماڻهو کي وڏو فائدو پهتو آهي. هن چيو ته اسان جي هاڻوڪي معاشري ۾ طنز و مزاح هڪ اهم جز بڻجي چڪو آهي ۽ مان ڪوشش ڪندو آهيان ته نوجوانن جي اصلاح ڪجي ۽ اڄ جا نوجوان مون کي طنز ۽ مزاح ۾ ديني تبليغ ڪندي پسند ڪندا آهن. هن چيو ته ڪي من جا ميرا ماڻهو منهنجي مشهوري کي برداشت نه پيا ڪري سگهن جنهن جي ڪري مون تي مختلف الزام لڳائيندا آهن پر مان ان تي پريشان نه ٿيندو آهيان ڇو ته تنقيد اگر اصلاحي هجي ته ان تي سوچجي مگر تنقيد براءِ تنقيد کي درگذر ڪري ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ٽرانسپورٽ مافيا جو راڄ آهي جنهن سبب سنڌ جو وڌيڪ هڪ پٽ کسجي ويو آهي شايان شاھ جي واقعي مان سبق سکڻ گهرجي وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته لطيف سرڪار اسان جو ليڊر هو جنهن اسان کي مادري زبان ۾ دين سمجهايو آهي اسان لطيف جي زبان ۾ آساني سان دين کي سمجهي سگهون ٿا. هن چيو ته مزاحيه انداز سبب سنڌ جا ماڻهو وڏي عزت ڏين ٿا هاڻي ته ڪنهن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيندو آهيان ته ڪانڌي ميت کي ڇڏي مون سان سيلفيون ڪڍرائڻ ۾ لڳي ويندا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو