ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ڪراچي ۾نڪتل وحدت سنڌ ريلي ۾عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين ماڻهن جي شرڪت. سنڌ جي امڪاني ورهاست خلاف ڀرپور احتجاج، شھر سنڌ امڙ جي تحفظ جي نعرن سان گونجي اٿيو، سنڌ اسيمبلي سامھون روڊ تان گذرڻ دوران “سنڌ ورھائيندين پادر کائيندين جا نعرا”، هزارين مردن ۽ عورتن جو سنڌ بچائڻ جو وچن، مقررن سنڌ جي ورهاست تي سنڌ اسيمبلي ۾اڄ رٿيل بحث کي رد ڪندي مهملي واري رٿ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. اڳواڻن سنڌ اسيمبلي ۾ نثار کهڙو طرفان مھملي واري رٿ پيش ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ حڪمرانن کي چتاءُ ڏنو تھ ھو سنڌ ۾ نون صوبن جو خيال ذھن مان ڪڍي ڇڏين. ان ڏس ۾تفصيلي خبر موجب سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي وقتي سربراھھ روشن علي ٻرڙو جي سربراھي ۾سنڌ جي امڪاني ورھاڱي خلاف “وحدت سنڌ” مارچ جو انعقاد ڪيو ويو. ريلي ريگل چوڪ صدر کان شروع ٿي سنڌ اسيمبلي ۽ آرٽس ڪائونسل چورنگي کان ٿيندي پريس ڪلب تي پھچي وڏي عوامي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي. جنھن ۾قومپرستن، وڪيلن، اديبن ۽ دانشورن سميت پنجابي، پختون توڙي سرائيڪي اڳواڻن ھر محاذ تان سنڌ جي تحفظ جو اعلان ڪندي سنڌ جي ورھاڱي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي وقتي سربراھھ روشن علي ٻرڙي چيو تھ سنڌ جي وحدت خلاف ڪابھ ڳالھھ برداشت نھ ڪئي ويندي، سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو ورھاڱي جي سازش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، وطن جي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ ڌرتي ماءُ جو ٻچو ٻچو پاڻ ملهائيندو، سنڌ جي علائقائي وحدت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن کي ڪڏھن بھ ڪامياب ٿيڻ نھ ڏنو ويندو. ھن چيو تھ اڄوڪي وحدت سنڌ مارچ ۾هزارين ماڻهن جي شرڪت اھو ظاھر ڪري ٿي تھ سنڌ جو ورھاڱو ڪنھن بھ صورت ۾ قبول نھ ڪيو ويندو، سنڌ جا ڪروڙين انسان سنڌ جي علائقائي سالميت کي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي مخالفت ۽ ھر قسم جي مزاحمت جو ڀرپور اظهار ڪري رھيا آھن. روشن ٻرڙي چيو تھ ڌرتيءَ جا ھزارين بھادر پٽ ۽ نياڻيون پنھنجي وطن خاطر سنڌ جي تاريخي تخت گاھ ڪراچي ۾ مارچ ڪندي اھو مطالبو ڪن ٿا تھ سنڌ جي ورهاست تي سنڌ اسيمبلي ۾اڄ رٿيل بحث کي رد ڪندي مهملي واري رٿ واپس ورتي وڃي. ايس يو پي جي نائب صدر امير آزاد پھنور، سيد منير حيدر شاھھ، جڳديش آھوجا، آفتاب خانزادھ، عورت ونگ جي صدر ياسمين ٿيٻو چيو تھ سنڌ جي وحدت جو دفاع گڏيل وطن، گڏيل امن ۽ آئيني حقن جي تحفظ جي جدوجهد آهي. انتظامي يونٽن جي نالي تي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش رد ڪريون ٿا. نئين انتظامي يونٽ جو نعرو سنڌ جي وحدت تي حملو آهي، سنڌ هڪ تاريخي وطن آھي ان جي وحدت کي ڪمزور ڪرڻ نه رڳو سنڌ جي مفادن جي خلاف آهي پر ملڪ جي سالميت ۽ وفاقي نظام لاءِ به خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. اڳواڻن چيو تھ سنڌ جي انتظامي وحدت رڳو نقشي تي ليڪو نه آهي پر صدين تي ٻڌل تاريخي، جاگرافيائي، تهذيبي ۽ سياسي حقيقت آهي، سنڌ کي ڪنهن به نالي، فارمولي يا طريقي سان ورهائڻ جي ڪا به ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي. جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر حسيب جمالي، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ، سيڪريٽري ارشد علي شر ايڊوڪيٽ، رحمٰن ڪورائي ايڊوڪيٽ، ڪي بي لغاري ايڊوڪيٽ، وڪيل حق نواز ٽالپر خطاب ڪندي چيو تھ وڪيل سنڌ جي وحدت تي ڪنھن بھ قسم جي سوديبازي نھ ڪندا، سنڌ جي وحدت خلاف ڳالھھ ٿيندي تھ سنڌ جا لکين وڪيل ڀرپور مزاحمت ڪندا، سنڌ اسان جي ماءُ آھي، جيڪڏھن سنڌ جي ورھاڱي جي ڪا بھ سازش ٿي تھ ان جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين، جڏھن بھ سنڌ وطن کي اسان جي ضرورت ھوندي تھ اسان اتي ڄمي بيھنداسين. سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشون بند نھ ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ وڪيل وطن جي سلامتي لاءِ پنھنجي جان قربان ڪرڻ کان نھ ڪيٻائيندا. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻ راشد شر شرڪت ڪندڙن کان قلمو پڙھائي ۽ ھٿ مٿي ڪري سنڌ وطن جي حفاظت جو وچن ورتو. جلسي کي خطب ڪندي قانونودان شھاب اوستي چيو ته 1940ع جي قرارداد لاهور جي بنيادي تصور کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان هڪ گهڻ-قومي وفاق آهي، زبردستي سان رياستون ۽ وفاق نٿا هلي سگهن . سرائڪي ايڪشن ڪميٽي جي سربراھھ راشد عزيز ڀٽھ چيو تھ سرائڪستان جي سرزمين سنڌ جي زمين آھي، اسان تخت لاھور کان تنگ آھيون، سرائڪي جو ٻچو ٻچو سنڌ تان قربان ٿيندو.سنڌ جو ورھاڱو ٿيڻ نھ ڏينداسين. علامھ اياز قمي، پختونخواھھ ملي عوامي پارٽي جو اڳواڻ عبدالرئوف دراني، عوامي نيشنل پارٽي جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آغا سيد حنيف شاھھ، انڊيجينس الائنس جو اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھھ، عورت مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماڻي، پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سھڻي پارس ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تھ پيپلز پارٽي جا اسيمبلي ميمبر ڀلي دلالي ڪن پر سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن پنھنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي، سنڌ جا سياسي ڪارڪن، ساڃاھھ وند ڌريون، نوجوان ۽ وڪيل ڪڏھن بھ سنڌ جو ورھاڱو ڪرڻ نھ ڏيندا. اڳواڻن ھر محاذ تان سنڌ جي تحفظ جو اعلان ڪندي چتاءُ ڏنو تھ جيڪڏھن سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين سخت مزاحمت ڪئي ويندي .وحدت سنڌ مارچ ۾عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻن بسم الله ڪاڪڙ، عاقب راڄپر ايڊووڪيٽ، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، فهيم ضياءَ ايڊووڪيٽ، فياض ميتلو ايڊوڪيٽ، سھيل ڄاموٽ ، مظهر مغل، غفار چانڊئي، خميسي خان، قمر مشواڻي، اعجاز سامٽيي، اعظم راجپر، لياقت جلباڻي، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي سيڪريٽري نثار ناز رڪ، خزانچي وحيد سمون سميت وڪيلن، شاگردن، دانشورن، اديبن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، سول سوسائٽي ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ شهرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن حڪومت کي خبردار ڪيو ته سنڌ جي ورهاست، نون صوبن يا نون انتظامي يونٽن جي نالي تي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن به منصوبي تان کان ھٿ کڻي وڃن..مقررن واضح ڪيو ته هي جدوجهد ڪنهن ٻولي يا برادري جي خلاف ناهي. سنڌ ۾ رهندڙ سڀ شهري جيڪي سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا، اهي هن ڌرتي جا برابر جا وارث آهن. اڳواڻن چيو تھ نون صوبن جو منصوبو اصل ۾سنڌ جي زمين، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن تي قبضي جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش آهي، تڪراري ڪئنالن جي منصوبن کي مڪمل طور ختم ڪرڻ بدران رڳو ملتوي ڪرڻ ڪافي ناهي. سنڌ جي پاڻي جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي يا مبهم پاليسي قبول نه ڪئي ويندي، سنڌ جي وحدت، سالميت، جاگرافي، پاڻي، زمين ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ آئيني، جمهوري ۽ پرامن جدوجهد جاري رکي ويندي. سنڌ کي ڪنهن به نالي سان ورهائڻ يا ان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي هر ڪوشش کي عوامي طاقت ۽ سياسي اتحاد ذريعي ناڪام بڻايو ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ورهاست يا نون صوبن بابت سازش ۾ ملوث عنصرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 سميت قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي.
مشهور خبرون










