نديم علي خواجه
آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي وڌيڪ معاشي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، آمريڪي صدر اھو به واضع ڪيو آھي ته ماضي جي مقابلي ۾ ھن ڀيري پابنديون وڌيڪ سخت ھونديون، ھن اھو به چيو آھي ته جيڪو به ملڪ ايران جي حمايت ڪندو ۽ ايران جي معاشي مدد ڪندو تنھن خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي ويندي، آمريڪه ۽ ايران جي جنگ ڪافي وقت کان ھلي رھي آھي، پر ڪوبه خاطر خواھ نتيجو سامھون نه آيو آھي، ايران آمريڪا خلاف پنھنجي جنگ جاري رکندو اچي، پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ايران ۽ آمريڪه جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو آھي، جنھنڪري جنگ ۾ ڪجھ ٺاپر اچي ويئي آھي، پر ڪشيدگي اڃان تائين برقرار آھي، آمريڪا جو اھو ئي خيال ھو ته ھو جديد ھٿيارن سان ايران تي حملو ڪندو، ۽ جلد ئي ايران کي شڪست ڏئي ايران ۾ پنھنجي اجاداري قائم ڪندو، ايران جي حڪومت سندس اشاري تي ھلندي، ۽ ھو پنھنجا مقصد آساني سان حاصل ڪري وٺندو، پر ايران آمريڪا سان جنگ ڪندو رھيو، آمريڪا جي جديد ھٿيارن جو مقابلو ڪندو رھيو، ھن شڪست قبول نه ڪندي جنگ جي ميدان ۾ بھادري ڏيکاري، آمريڪا کي يقين ٿي ويو ته جنگ جي ميدان ۾ ايران کي شڪست ڏيئڻ ناممڪن آھي، تنھنڪري ھن ايران تي سخت معاشي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، آمريڪا ايران
جي تيل جي ترسيل، ڪرنسي جي مٽا سٽا، نقد پئسن جي منتقلي، ايڪسچينج ھائوسز، سامونڊي جھازن تائين رسائي محدود ڪرڻ سميت مختلف پابنديون ھڻي ڇڏيون آھن، آمريڪا اھا به دعوه ڪئي آھي ته ايران جو خزانو مڪمل طور تي خالي ٿي چڪو آھي، ايراني حڪومت وٽ سندس ملازمن جي پگھارن جا پيسا به نه آھن، ايران معاشي بحران جو شڪار ٿي ويو آھي، جڏھن ته ايران آمريڪا جي انھي بيان جي ترديد ڪندو رھيو آھي، انھي حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگھجي ته ايران جنگ کانپوء معاشي بحران کي منھن ڏئي رھيو آھي، ايران ۾ خوراڪ سميت دوائين جي کوٽ پيدا ٿي رھي آھي، جيڪڏھن ايران ۾ کاڌي ۽ دوائين جي کوٽ برقرار رھي ته ھڪ انساني الميو ايران ۾ جنم وٺي سگھي ٿو، انھي بحران باوجود ايران پنھنجي خارجه پاليسي تبديل ڪرڻ لاء تيار نه آھي، ايران جيڪڏھن ايران جي حمايت ڪندڙ ملڪ به انھي پابندي جو شڪار ٿي ويا ته يقينن عالمي معيشت کي پڻ نقصان رسي سگھي ٿو، چين ھڪ طرف آمريڪي فيصلي تي تنقيد ڪندي ھڪ ڀيرو ٻيھر انھي فيصلي تي نظر ثاني جي اپيل ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف ھو ايران جي ڪري آمريڪا جو دشمن نٿو ٿيئڻ چاھي، ٻئي طرف اسلامي ملڪن جو ھڪ اتحاد پڻ سامھون آيو آھي، انھي اتحاد کي مڪه دفاحي معاھدي جو نالو ڏنو ويو آھي، انھي اتحاد ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي شامل آھن، جڏھن ته ايران سميت ڪيترائي ملڪ انھي اتحاد ۾ شامل ٿيئڻ جا خواھشمند آھن، اھو اتحاد وقت جي پڻ اھم ضرورت آھي، انھي سان اسلامي ملڪن جو ھڪ مضبوط بلاڪ ٺھي سگھي ٿو، ماضي ۾ پڻ ڪجھ اسلامي ملڪن جي حڪمرانن اھا ڪوشش ڪئي ھئي، پر اتحاد ٺھڻ کان اڳ ئي ڪنھن سازش تحت انھن حڪمرانن کي منظر تان ئي ھٽايو ويو، مستقبل ۾ اھو مضبوط اتحاد يقينن عالم اسلام لاء خوشي جو پيغام کڻي ايندو، پر انھي جي لاء اسلامي ملڪن جو ھڪٻئي جي طاقت بڻجڻ ضروري آھي، جيڪڏھن ايران تي ڪنھن به قسم جون وپاري پابنديون لاڳو ٿيئن ٿيون ته پوء اھو اسلامي اتحاد ھڪ مضبوط ديوار وارو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو، ايران پڻ ھڪ اسلامي ملڪ آھي، ھو پڻ توحيد ۽ رسالت تي مڪمل يقين رکي ٿو، اسلامي قانونن تي سختي سان عمل ڪري ٿو، يقينن ڪوبه غير اسلامي ملڪ ايران جي کلي عام حمايت نه ڪندو، پر اسلامي ملڪن جو اتحاد يقينن ايران جي حمايت ۾ سامھون اچي سگھي ٿو، اھو اتحاد ايران جي معاشي بحران تي ضابطو آڻڻ لاء پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو، جيڪڏھن انھي اتحاد ايران جي حمايت نه ڪئي ته اھو اسلامي رياستن لاء ھڪ چيلينج بڻجي ويندو، جنھن جي نقصان جا اثرات انھي خطي ۾ پڻ ظاھر ٿيندا، جتي اسلامي رياستون آھن.










