اپوزيشن پارٽين جو پهريون گڏيل اجلاس اڄ طلب، اهم اعلان متوقع

اپوزيشن پارٽين جو پهريون گڏيل اجلاس اڄ طلب، اهم اعلان متوقع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پارليامينٽ ۾ موجود سمورين اپوزيشن پارٽين جو پهريون گڏيل پارلياماني پارٽيءَ جو اهم اجلاس اڄ شام 6 بجي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ متحده اپوزيشن جي قيام جو باضابطه اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي.اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجه ناصر عباس ۽ مولانا فضل الرحمان سميت پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل جا پارلياماني ميمبر شريڪ ٿيندا. پي ٽي آءِ پاران بئريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ ٻين ميمبرن جي شرڪت متوقع آهي.اجلاس ۾ متحده اپوزيشن پاران پارليامينٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ، ٻنهي ايوانن ۾ هڪ جهڙو موقف اپنائڻ، قانون سازي، پارلياماني معاملن ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ مقررين سميت اهم معاملن تي مشاورت ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو