دوداپور:(ن س ) دوداپور ڀرسان ميرانپور واري علائقي ۾ بخشلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جو سلسلو جاري آهي.يرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ريحان بخشلاڻي ۾ پاڻي جي واري تان بخشلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب ذوالفقار عرف ڀٽو بخشلاڻي زخمي ٿي پيو نهن کي بروقت اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو نوجوان جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکيڙجي ويو. پوليس موجب بخشلاڻي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو آھي گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آھي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ لاء وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آھي.










