ڌاٻيجي ،پريمي جوڙي تي فائرنگ، ناري قتل، 2 ڄڻا زخمي

ڌاٻيجي ،پريمي جوڙي تي فائرنگ، ناري قتل، 2 ڄڻا زخمي

ڌاٻيجي (ن س): ڌاٻيجي ڀرسان سسئي ٽول پلازا وٽ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو مبينا طور هٿياربندن جي فائرنگ جو نشانو بڻجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ناري فاطمه بخاري فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس جنيد انصاري ۽ ساڻس گڏ عمير انصاري گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا.تفصيل موجب فاطمه ۽ جنيد انصاري تقريبن 15 ڏينهن اڳ ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو. اڄ صبح جوڙو ٺٽو ڪورٽ مان واپس وڃي رهيو هو ته سسئي ٽول پلازا ڀرسان مبينا طور هٿياربندن سندن گاڏي کي روڪي فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ جي نتيجي ۾ فاطمه بخاري گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته جنيد انصاري ۽ عمير انصاري سخت زخمي ٿي پيا.واقعي کانپوءِ زخمين کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي جنيد انصاري ۽ عمير انصاري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ۽ وڌيڪ علاج لاءِ کين ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ فائرنگ بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس طرفان هٿياربندن ۽ واقعي جي پسمنظر بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو