جسقم ڪارڪن قومي ڌارا ۾ شامل، هاڻي خبر پئي ته سنڌ آزاد آهي!

ملير (ڊ ر ) ڪراچي جي مختلف علائقن مان هڪ سئو کان وڌيڪ قوم پرست ڪارڪنن کي قومي ڌارا م شامل ڪيو ويو آهي. ڪارڪنن ۾ ڪامران ابڙو، پريل ابڙو ، بخت ﷲ مستوئي، حميد ملاح، اسلم چانڊيو، امير ناريجو، نور حسن کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  قومي ڌارا م شامل ٿيڻ جوا علان ڪندي  ملڪ جا جهنڊا  کڻي ڀينس ڪالوني موڙ کان اسٽيل ٽائون تائين ريلي ڪڍي.  ريلي ۾ پاڪستان زنده آباد ۽ پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا ويا. ان  موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته جئي سنڌ قومي محاذ جو منشور صرف سنڌ جي آزادي آهي پر اسان کي هاڻي خبر پئي ته سنڌ هر لحاظ سان آزاد آهي اسان چاهيون ٿا سنڌ نوجوان وقت ضايع ڪرڻ بدران قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ملڪ ۽ سنڌ جي غريب عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪن. هنن چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو ملڪ آهي ۽ اسان ملڪ جي آئين ۽ پاڪ فوج جي دل سان عزت ڪريون ٿا، ان موقعي تي فيصل ابڙو واحد جوڻيجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

جسقم ڪارڪن قومي ڌارا ۾ شامل، هاڻي خبر پئي ته سنڌ آزاد آهي!” هڪ تبصرو

  1. بهترين قدم سنڌي زبان جي واڌاري لاء اسان جون نيڪ تمنائون اوهان سان هميشه گڏ رهنديون

پهنجو تبصرو موڪليو