پاڪستان جو 79 هون يومِ آزادي قوم کي مبارڪ

پاڪستان جو 79 هون يومِ آزادي قوم کي مبارڪ

اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جو 79ھون يومِ آزادي سڄي ملڪ ۾ پورَي جوش، جذبي ۽ ملي يڪجهتيءَ سان ملھايو پيو وڃي. رات جا 12 ٿيندي ئي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزاديءَ جون تقريبون شروع ٿي ويون، جنهن بعد هر شهر، گهٽي ۽ محلو سبز هلالي جهنڊڻ سان جڳمڳائي اٿيو.ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئٽه، حيدرآباد ۽ ملتان سميت ملڪ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ سرڪاري ۽ نجي عمارتن، بازارن ۽ گهرن کي قومي جهنڊن ۽ برقي قمقمن سان سجايل آهي. رات جو 12 بڄي شهرين جو وڏو تعداد ريليون ڪڍي سڙڪن تي نڪري آيو، جتي آتش بازيءَ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو.شهرين جو چوڻ هو ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي، ۽ پوري قوم پنهنجي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ امن امان لاءِ هڪجٽ آهي. يومِ آزاديءَ جي موقعي تي قومي ترانا گونجندا رهيا ۽ هٿن ۾ پرچم کڻي نڪتل نوجوانن، ٻارن ۽ عورتن نعرن سان فضا کي گونجائي ڇڏيو.

ڪنهن جو پيءُ به پاڪستان کي نٿو توڙي سگهي، ملڪ قيامت تائين قائم رهندو: سرفراز بٽي
وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بٽي چيو آهي ته پاڪستان تا قيامت قائم رهندو ۽ ڪنهن جو پيءُ به هن ملڪ کي توڙي نٿو سگهي.جشنِ آزاديءَ جي ڏهاڙي تي ڪوئٽه جي پولو گراؤنڊ ۾ منعقد ٿيل پروقار تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ بلوچستان چيو ته اسان جون سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن امان جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي رت جون قربانيون ڏئي رهيون آهن.سرفراز بٽي وڌيڪ چيو ته ڪجھ منفي عناصر پروپئگنڊا ذريعي صوبي جي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر بلوچستان جا باشعور نوجوان هاڻي دشمن جي هر سازش کي سمجهي چڪا آهن.

مزارِ قائد تي گارڊز جي تبديليءَ جي شاندار تقريب، پاڪ بحريه امانت سنڀالي ورتي
ملڪ جي 79هين يومِ آزاديءَ جي مسرت موقعي تي ڪراچيءَ ۾ بانيِ پاڪستان قائدِ اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديليءَ جي پروقار تقريب منعقد ٿي.تقريب دوران پاڪستان نيول ائڪيڊمي جي چاق و چوبند ڪيڊٽس ۽ پاڪ بحريه جي سيلرز تي مشتمل دستن اعزازي گارڊز جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. تقريب جو خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول ائڪيڊمي ريئر ايڊمرل محمد عمير هو.ان کان اڳ ڏينهن جي شروعات تي صوبائي دارالحڪومتن لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽه ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي جڏهن ته مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ امن امان لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

انقره: پاڪستان جي 79هين يومِ آزاديءَ جي تقريب، ترڪ نائب صدر ۽ اعليٰ حڪام جي رڪارڊ شرڪت
ترڪيه جي دارالحکومت انقره واري ”پاڪستان هائوس“ ۾ پاڪستان جو 79هون يومِ آزاديءَ نهائيت جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جنهن ۾ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز طورِ خاص مهمان شرڪت ڪئي.ترڪيه جي حڪمران آق پارٽيءَ (AK Party) جي قيام جي سلور جوبليءَ سبب هيءَ تقريب هڪ ڏينهن اڳ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ترڪيه جي دفاع واري وزير ياچار گولر، چيف آف جنرل اسٽاف، بحري، زميني ۽ فضائي فوج جي ڪمانڊرن، ترڪ سفارتڪارن ۽ برادر ملڪن جي ايلچين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ پاڪستان ايمبيسي اسڪول جي ٻارڙن پاران ملي نغما ۽ ثقافتي رقص پيش ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ، سياحت ۽ ترقيءَ بابت خاص ڊاڪيومينٽري به ڏيکاري وئي.

آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر پاران پاڪستاني قوم کي جشنِ آزاديءَ جون مبارڪون
پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر ۽ آمريڪي سفارتي مشن پاران پاڪستاني قوم کي 79هين يومِ آزاديءَ جون دلي مبارڪبادون پيش ڪيون ويون آهن.آمريڪي سفارتخاني پاران جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ان کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن ۾ آمريڪا به شامل هو.ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر چيو ته گذريل 80 سالن دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جا ڀائپي وارا تعلقات ۽ دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن يومِ آزادي ملهائيندڙ سمورن پاڪستانين لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقيءَ جون نيڪ تمنائون پڻ ظاهر ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو