ايران جنگ مان نڪرڻ لاءِ رستو ڳوليو، جنرل ڊين ڪين

ايران جنگ مان نڪرڻ لاءِ رستو ڳوليو، جنرل ڊين ڪين

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل ڪجهه هفتن دوران جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين ٻين اهم ٽرمپ صلاحڪارن تي خانگي طور واضح ڪيو آهي ته آمريڪا کي ايران سان جاري جنگ مان نڪرڻ لاءِ ڪو رستو ڳولڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ موجود فوجي آپشن ابتڙ اثر وجهي سگهن ٿا ۽ رڳو هوائي طاقت سان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا اعلانيل مقصد حاصل ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن. اها ڳالهه معاملي کان واقف ٽن ذريعن ٻڌائي آهي.
هڪ ذريعي صاف لفظن ۾ چيو ته، ”ڪين جنگ مان نڪرڻ لاءِ رستو ڳولي رهيو آهي.“ ايران سان جنگ هڪ اهم موڙ تي پهچي چڪي آهي، ۽ ڪين اڪيلو اهڙو خيال رکندڙ ناهي.
ٻن ٻين ذريعن موجب، هن جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ فوجي آپشنز بابت خدشن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ جنگ مان نڪرڻ لاءِ رستو ڳولڻ جو امڪان به ڪابينا جي ٻين اهم عهديدارن، جن ۾ سي آءِ اي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف، پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ نائب صدر جي ڊي وينس شامل آهن، سامهون رکيو آهي.
آمريڪا جي اعليٰ فوجي جنرل تازو ئي ڪجهه اهم ۽ ساڳئي سوچ رکندڙ ٽرمپ صلاحڪارن سان الڳ ملاقاتون پڻ ڪيون آهن، ته جيئن مختلف سرڪاري ادارن وچ ۾ هم آهنگي وڌائي سگهجي ۽ صدر سان ملاقاتن کان اڳ سڀني جو موقف هڪجهڙو هجي. ذريعن موجب، مقصد اهو واضح ڪرڻ هو ته موجود فوجي آپشنز جون ڪهڙيون حدون ۽ خاميون آهن، جن ۾ اهي آپشن به شامل آهن جن لاءِ آمريڪي فوجين کي زمين تي موڪلڻ جي ضرورت نه پوي.
هڪ ذريعي سي اين اين کي ٻڌايو ته، ”منهنجو خيال آهي ته اهو صرف سندس فوج کي تحفظ ڏيڻ جو طريقو آهي.“ ذريعي جو اشارو ايران سان جنگ بابت ٽرمپ انتظاميا جي ٻين اعليٰ قومي سلامتي اختيارين سان ڪين جي ڳالهين ڏانهن هو.
ٽرمپ مسلسل ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ جي خيال کان پاسو ڪندو نظر آيو آهي. ان جي بدران هو اهو اشارو ڏيندو رهيو آهي ته هوائي بمباري ذريعي ايران کي پنهنجي شرطن تي معاهدي لاءِ مجبور ڪري سگهجي ٿو. پر معاملي کان واقف ڪيترن ئي ذريعن موجب، ڪين ۽ ٽرمپ ڪابينا جا ٻيا عهديدار خانگي طور ان نتيجي کي غير ممڪن سمجهن ٿا ۽ صدر جي مقرر ڪيل حدن اندر رهندي ٻين آپشنز تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ايران سان شروع ٿيل هن جنگ کي لڳ ڀڳ ڇهه مهينا گذري چڪا آهن. جنگ جي شروعات ۾ هفتن تائين اهي دعوائون ڪيون ويون ته ايران جون فوجي صلاحيتون تباهه ٿي ويون آهن، جڏهن ته جنگ جو بنيادي مقصد صدر ٽرمپ جي ان عزم سان جڙيل رهيو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ اها ڳالهه انتهائي اهميت رکي ٿي ته ٽرمپ جو سڀ کان سينيئر جنرل خانگي طور اهو موقف پيش ڪري رهيو آهي ته صدر پاران شروع ڪيل جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڪو آسان فوجي حل موجود ناهي.
سي اين اين پاران تبصري لاءِ موڪليل درخواست جي جواب ۾ ڪين جي ترجمان جوزف هولسٽڊ چيو: ”اسان چيئرمين جون صدر، سيڪريٽري يا ٻين اعليٰ اڳواڻن سان ٿيل رازدارانه ڳالهيون بيان نٿا ڪريون ۽ نه ئي انهن ڳالهين بابت اهڙن ذريعن جي گمنام ۽ پنهنجي مقصد تي ٻڌل بيانن تي تبصرو ڪريون ٿا، جيڪي انهن ڳالهين ۾ موجود ئي نه هئا.“
وائيٽ هائوس جي هڪ عهديدار ٽرمپ جي قومي سلامتي ٽيم ۾ ڪين جي خدمتن کي ساراهيندي سي اين اين کي ٻڌايو: ”جنرل ڪين صدر ٽرمپ جي قومي سلامتي ٽيم لاءِ هڪ انتهائي اهم اثاثو آهي، ۽ آپريشنز ’ايپڪ فيوري‘، ’مڊ نائيٽ هيمر‘ ۽ ’ايبسوليٽ ريزولو‘ جي زبردست ڪاميابي پاڻ ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿي.“
عهديدار وڌيڪ چيو ته، ”جنرل هميشه ڪمانڊر اِن چيف کي صحيح ۽ غيرجانبدار معلومات سان گڏ ڪيترائي آپشن فراهم ڪندو آهي، جڏهن ته آخرڪار آمريڪي قومي سلامتي لاءِ جيڪو بهتر سمجهي ٿو، ان مطابق فيصلو صدر پاڻ ڪندو آهي.“
پرڏيهي کاتي ۽ سي آءِ اي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
”هوائي طاقت جون به حدون آهن“
جنگ هاڻي اهڙي مرحلي تي پهچي چڪي آهي، جتي ٽرمپ انتظاميا جا ڪيترائي اعليٰ قومي سلامتي اختيارين، فوجي حڪمت عملي، آمريڪي انٽيليجنس ادارن جي جائزي ۽ عام فهم جي بنياد تي اهو سمجهن ٿا ته جيڪو ڪجهه ڪين گذريل مهيني جي آخر ۾ هڪ عوامي ٻڌڻي دوران قانون سازن کي ٻڌايو هو، اهو ئي حقيقت آهي: ”هوائي طاقت جون به حدون آهن.“
انهن ئي سببن جي ڪري ڪين ۽ ٽرمپ انتظاميا جا ٻيا عهديدار جولاءِ جي آخر ۾ جنگ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ نئين ۽ وڌيڪ جارحاڻي حملن واري منصوبي بابت محتاط هئا. کين خدشو هو ته جنگ وڌائڻ سان سنگين ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو. هڪ ذريعي موجب، صدر شروعاتي طور تي ان منصوبي کي منظوري ڏيڻ لاءِ تيار نظر اچي رهيو هو، جنهن کي هن ”وڏي پيماني وارو“ آپريشن قرار ڏنو هو، پر ذريعي آپريشن جي تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.
ذريعي وڌيڪ چيو ته، ”آپريشن جي حق ۾ رڳو سينٽڪام جا ڪجهه عنصر هئا.“ ذريعي موجب، اسرائيل به جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ واري آپريشن جي مجموعي طور حمايت ڪري رهيو هو.
پر ٽرمپ آخرڪار وچ اوڀر جي اتحادي ملڪن سان ڳالهائڻ کانپوءِ پوئتي هٽي ويو. هڪ سينيئر انتظامي عهديدار سي اين اين کي ٻڌايو ته انهن ملڪن ٽرمپ کي خدشو ظاهر ڪيو هو ته ايران جوابي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، خاص طور تي انهن جي توانائي جي ڍانچي کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. عهديدار موجب، صدر مستقبل ۾ ڪنهن ٻئي وقت لاءِ انهن حملن جو آپشن مڪمل طور ختم ناهي ڪيو.
سي اين اين موجب، اهم جنگي هٿيارن جي آمريڪي ذخيرن ۾ گهٽتائي به هڪ اهم عنصر هئي. ڪيترن ئي ذريعن ٻڌايو ته اهو خدشو رڳو ڪين طرفان نه، پر خليجي ملڪن جي عهديدارن طرفان پڻ ظاهر ڪيو آهي. انهن تازو آمريڪي انتظاميا کي ٻڌايو ته جديد آمريڪي هوائي دفاعي نظامن جي کوٽ ايران جي امڪاني جوابي حملن کان بچاءَ جي سندن صلاحيت کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ٽرمپ جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪري.
ٽرمپ بار بار ايران جي توانائي جي ڍانچي تي حملا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. ذريعن موجب، اهڙو قدم ايران کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا آمريڪي شرطن کي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جو امڪان گهٽ آهي، جنهن جو اشارو ڪين پاڻ به عوامي طور ڏئي چڪو آهي. ان جي ابتڙ، اهڙا حملا تقريبن يقيني طور خليجي ملڪن جي توانائي جي ڍانچي خلاف ايران جي جوابي حملن جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
پينٽاگون سڀني امڪاني حالتن تي غور ڪندو آهي، تنهن ڪري اهڙا منصوبا موجود آهن، پر هن وقت انتظاميا ۾ ڪو به ماڻهو اهڙي انتهائي قدم جي حمايت نٿو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو