نوشھرو فيروز  ۾ خوفناڪ حادثو، 3 نوجوان فوت

نوشھرو فيروز ۾ خوفناڪ حادثو، 3 نوجوان فوت

نوشھرو فيروز )رپورٽ اسد علي عمراڻي (قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو ٿي پيو، مسافر ڪوچ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، 3 نوجوان فوت!!!قومي شاهراهه تي پيش آيل هڪ افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ تيز رفتار مسافر ڪوچ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد مٿس چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٽي نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.. فوتين جي سڃاڻپ رستم پٽ ذاڪر علي مڱريو، مختيار پٽ عبدالستار مڱريو ۽ نسيم پٽ حسن جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي ڳوٺ لال بخش مڱريو جا رهواسي هئا.. حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته فوتين جي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.. پوليس موجب حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو