خان ۽ بشريٰ  جي گهر وارن ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو

خان ۽ بشريٰ جي گهر وارن ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايمنسٽي انٽرنيشنل باني پي ٽي آءِ ۽ سندس گهروااري بشريٰ بي بيءَ جي گهر وارن ۽ وڪيلن سان غير مشروط ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڏکڻ ايشيا لاءِ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي قائم مقام علائقائي ڊائريڪٽر ازابيل لاسي جو چوڻ آهي ته 3 سالن کان باني پي ٽي آءِ کي قيدِ تنهائيءَ ۾ رکي منصفاڻي ٻڌڻي، طبي سهولتن ۽ گهر وارن سان ملاقات جي حق کان محروم رکيو ويو آهي.ازابيل لاسي چيو ته اطلاعن موجب باني پي ٽي آءِ جي نظر (بينائي) به متاثر ٿي آهي.سندس چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بيءَ کي مناسب طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ گهر وارن توڙي وڪيلن سان غير مشروط ملاقات ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو