ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي اڳوڻي ميمبر مئنيجنگ ڪميٽي تي گلبهار ٿاڻي اندر پوليس پاران ڪيل مبينا تشدد خلاف وڪيلن پاران سٽي ڪورٽ ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي. وڪيلن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سٽي ڪورٽ جي احاطي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ سائلين جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي، جنهن ڪري سمورن عدالتن جا امور معطل ٿي ويا ۽ جيلن مان قيدين کي پڻ پيشي لاءِ نه آندو ويو. وڪيلن مطالبو ڪيو آهي ته ملوث پوليس اهلڪارن کي فوري معطل ڪيو وڃي.










