تربت (مانيٽرنگ ڊيسڪ): وفاقي وزير داخلا محسن نقوي فرنٽيئر ڪور بلوچستان (سائوٿ) جي هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي هن ايف سي جي نئين تعمير ٿيل جديد ترين اسپتال جو باقاعدي افتتاح ڪيو. وزير داخلا اسپتال جي مختلف وارڊن، او پي ڊي، ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين روم ۽ آپريشن ٿيٽر جو معائنو ڪيو ۽ ڊاڪٽرن توڙي پيلاميڊيڪل اسٽاف سان ملاقات ڪري کين انسانيت جي ڀرپور خدمت ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن مختصر مدت ۾ اسپتال جو ڪم مڪمل ڪرڻ تي آءِ جي ايف سي بلوچستان (سائوٿ) ميجر جنرل بلال سرفراز خان ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کي سراهيو. دوري دوران آءِ جي ايف سي وفاقي وزير کي فورس جي پيشيورانه تربيت ۽ امن امان جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي محسن نقوي ملڪ دشمن ۽ ٻاهرين سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگرد گروپن ۽ ڪالعدم تنظيمن خلاف ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي ايف سي جي جوانن جي بهادري کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو.










