ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد اعظم نگر ۾ چاقوءَ جي وار سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 16 سالن جي عدنان جي نالي سان ٿي آهي، هي واقعو جهڙي دوران پيش آيو، اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون. پوليس اختيارين امدادي ٽيمن جي مدد سان فوت ٿيل نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس اختيارين ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار حارث کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار جي قبضي مان قتل ۾ استعمال ٿيل چاقو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










