نارووال: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته ڪشمير جا ماڻهو ڪشمير کي ڪراچي بنجڻ نه ڏيندا اهي ڪشمير کي لاهور جهڙو ڏسڻ چاهين ٿا.نارووال ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ۾ احسن اقبال بلاول ڀٽو کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول صاحب ڪشميري اوهان جي ۽ اسان جي پارٽي جي ڪارڪردگي کي چڱي ريت سمجهن ٿا، انهن کي خبر آهي ته ڪنهن جي حڪومت جي دور ۾ ڪرپشن جي بازار گرم ٿيندي آهي.احسن اقبال چيو ته 90 سيڪڙو پاڪستان لاهور واري ترقي کي ووٽ ڏيندو. مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪردگي سموري پاڪستان ۾ مشهور آهي. مسلم ليگ(ن) پاڪستان جي مضبوطي جي نشاني آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾(ن) ليگ کي اهڙي شڪست ملندي جو تاريخ ياد رکندي. پ پ ئي حڪومت ٺاهيندي، عوام موقعو ڏنو ته هر فورم تي ڪشمير جي آواز بڻجنداسين.ڪوٽلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ مان ڪوٽلي مان هر سيٽ تي کٽڻ چاهيان ٿو، ڪشمير جو مستقبل ڪنهن جي کيسي ۾ نه پر ڪشميرين جي هٿ ۾ آهي، فيصلو ڪشمير جي عوام ڪندي.










