ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهرِ قائد جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ هڪ ڪمپائونڊ مان 55 ساله شخص جو پراسرار حالت ۾ لاش هٿ آيو آهي. پوليس اختيارين موجب لاش سڙيل ناهي، سخت گرمي جي ڪري خراب ٿي ويو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون جنهن کانپوءِ موت جا ڪارڻ ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي.علائقي واسين موجب فوتي کي آخري ڀيرو جمعي ڏينهن عصر جي نماز کانپوءِ ڏٺو ويو هو، جنهن کانپوءِ کانئس رابطو ڪٽجي ويو، ڪمپائونڊ جو دروازو اندر کان بند هو، ٻار کي اندر موڪلڻ تي لاش جي خبر پئي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪرائم سين (واقعي واري هنڌ) تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، فوتي لانڍي ڀيڻس ڪالوني جو رهواسي آهي.










