ميرپور ماٿيلو(ن س) ٻيلي کاتي گهوٽڪي جي ڪارروائي، جروار ٻيلي ۾ غيرقانوني پوکيل سارين جي فصل کي ختم ڪيو ويو. ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضيادﷲ لغاري هڪ پڌرائي جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هائي ڪورٽ بينچ سکر ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي هدايتن مطابق ضلعي مان ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي ان حوالي سان جروار ٻيلي ۾ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ هڪ وڏو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. آپريشن جي پهرين مرحلي دوران، چوڪڙي نمبر 59، 60 ۽ 71 ۾ غير قانوني طور تي پوکيل سارين جو فصل ۽ ٻيجارو مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو. زمين ۾ بيٺل پاڻي سبب ٽريڪٽرن جو هلڻ ناممڪن هو، جنهن ڪري انتظاميا پاران 10 اسپري مشينن جي مدد سان گند ساڙڻ واري دوا جو اسپري ذريعي غير قانوني فصل کي ختم ڪيو ويو. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اعلي عدالتن جي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن تي ٻڌل هڪ مهيني کان وڌيڪ جو جامع پلان جوڙيو ويو آهي، جنهن کي ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو: جنهن تحت ٻيلي جي زمين مان فصل ختم ڪرائي ۽ خالي ڪرايل زمين تي وڻڪاري ڪئي ويندي. هن جاري ڪيل پڌرائي ذريعي قبضي خورن کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته ٻيلي کاتي زمين تان پاڻمرادو قبضا ختم نه ڪيا ويا ته قانوني ڪارروائي ڪندي مٿن ڪيس داخل ڪرايا ويندا.










