ضم ضلعن لاءِ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ته سخت ردعمل ڏبو

ضم ضلعن لاءِ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ته سخت ردعمل ڏبو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريڊي چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت پاران (فاٽا مان) ضم ٿيل ضلعن ۾ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سخت ردعمل ڏنو ويندو. وفاقي ٽيڪسن جي نفاذ خلاف هڪ جرگي کي خطاب ڪندي سهيل آفريڊي چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت ضم ٿيل ضلعن مان ڪو به ٽيڪس ناهي وٺي رهي، ڪي پي حڪومت ملاڪنڊ ڊويزن ۾ سروسز تي سيلز ٽيڪس پڻ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن صوبي جي مسئلن تي ساٿ ڏيڻ تي تمام سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو. سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ ڪلچر تبديل ٿي رهيو آهي، عوامي مسئلن تي سڀ گڏ ٿين ٿا. وفاق سان ڳالهين لاءِ هڪ اعليٰ سطحي وفد جوڙيو ويندو، پر جيڪڏهن وفاقي حڪومت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ته سخت ردعمل ايندو، اسان عوامي ماڻهو آهيون ۽ عوام ئي اسان جي اوليت آهي.وڏي وزير صوبي ۾ دهشتگردي بابت ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي خلاف اسان صوبائي ائڪشن پلان جوڙيو آهي، جيڪڏهن ان تي عملدرآمد ٿئي ته 4 مهينن ۾ امن اچي سگهي ٿو. صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان الڳ سان هڪ جرگو ڪوٺايو ويندو.سهيل آفريڊي موجب خيبرپختونخوا جو مالي ڪيس وڙهڻ لاءِ اسلام آباد ۾ جرگو ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن مان سمجهوتو ڪريان ها ته هيل تائين پي ٽي آءِ جي باني سان منهنجي ملاقات ٿي وڃي ها، منهنجو فيصلو صرف منهنجو عوام ئي واپس وٺي سگهي ٿو، اسان عوامي طاقت سان ئي اچون ٿا، جيڪڏهن عوام کي ڪو فيصلو پسند نه ايندو آهي ته اهو واپس ورتو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو