ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو،منافعي خورن ڪڻڪ خريد ڪري ذخيرو ڪئي

ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو،منافعي خورن ڪڻڪ خريد ڪري ذخيرو ڪئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پنجاب ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو، فصل لھڻ سان گڏ ئي منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪري ذخيرو ڪري ڇڏي، جنهن جي ڪري سرڪاري سطح تي گھربل مقدار ۾ ڪڻڪ ذخيرو ٿي نه سگھي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت اُن صورتحال تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ھو، جنهن دوران ھڪ لک 72 ھزار ٽن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن وٽان ھٿ ڪئي وئي ۽ جن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن وٽان اھا ڪڻڪ ھٿ آئي اُنهن کي سرڪاري اگھھ ڪادا ڪيا ويا. ھن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن کي چتاءُ ڏنو ته اُھي وٽن موجود ڪڻڪ حڪومت جي حوالي ڪن ته جيئن عوام کي رليف ملي سگھي، ذخيرو ڪيل ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ تائين قيمتن ۾ 13 سيڪڙو لاٿ آئي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل جو سنڌ حڪومت فوري نوٽس ورتو ۽ پوليس اثرائتي ڪارروائي ڪندي ٽن جوابدارن انيل، رام چند ۽ سريش کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته واردات ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي به ھٿ ڪئي وئي آھي. ھن پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراھيندي چيو ته حڪومت ھر سنگين ڏوھ تي فوري ڪارروائي کي يقيني بڻائي رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شھيدن ۽ غازين خلاف ڏنل بيانن جي شديد مذمت ڪندي چيو ته پاڪ فوجن ھر محاذ تي ملڪ جو دفاع ڪيو آھي ۽ پاڪ ڀارت جنگ پاڪ آرمي، نيوي ۽ ھوائي فوج دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني. سندس چوڻ ھو ته اسان جا جواب وطن جي دفاع جي جذبي سان سرشار ٿي ڊيوٽي تي ويندا آھن ۽ شھادت کي پنهنجي لاءِ ھڪ اعزاز سمجھندا آھن. ھن مولانا فضل الرحمان مودباڻي گذارش ڪئي ته ھو پنهنجو بيان واپس وٺي، ڇاڪاڻ ته اھڙي بيان کي ڀارتي ميڊيا ۾ نمايان ڪوريج ملي، جنهن سان دشمن کي فائدو پھتو. ھن چيو ته شھيد ۽ غزاري پوري قوم جا ھيروز آھن، سندس رتبي کي ڪنهن بيان سان ڇيھو رسي نه ٿو سگھي. جڏھن ته پاڪ فوج ۾ نوڪري رڳو پگھار لا نه پر وطن جي دفاع جي جذبي تحت ڪئي ويندي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪ ڀارت جنگ دوران پوري قومي متحد ھُئي ۽ زندگي جي ھر شعبي جي فرد پنهنجي پنهنجي محاذ تي ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين آمريت خلاف جدوجھد ڪئي، پر ڪڏھن به پنهنجن فوجن خلاف ڳالھ نه ڪئي. ھن ياد ڏياريو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھڪ ڀيري ھڪ غير ملڪي دوري دوران عمران خان بابت سوال تي چيو ھو ته ھُو منهنجو وزير اعظم آھي جيڪا ڳالهه قومي يڪجھتي جومثال ھُئي. ھن چيو ته پاڪستان اسلامي دُنيا جو واحد ملڪ آھي جنهن ڏانهن ڪوبه ميري اک سان نه ٿو ڏسي، جنهن جو وڏو ڪارڻ ذوالفقار علي ڀٽو پاران ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ آھي. سندس چوڻ ھو ته ھي ملڪ اسان سڀني جو آھي، ڪنهن کي به پنهنجون حدون اورانگھڻ نه گھرجن ۽ سمورن سياسي، عسڪري، ڪاروباري ۽ سماجي طبقن جو ملڪي مفاد تي ھڪ ئي موقف ھجڻ گھرجي. سوالن جا جواب ڏيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان تجربيڪار سياستدان آھي، جيڪڏھن ھو پنهنجو بيان واپس وٺندو ته سندس قد ڪاٺ ۾ اضافو ٿيندو. ھن چيو ته ھاڻوڪين حالتن ۾ وزير اعظم جيڪو به فيصلو ڪندو اھو ملڪي معيشت کي نظر ۾ رکي ڪندو. ڪڻڪ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ پنهنجون پنهنجون پاليسيون جوڙيون آھن، مون کي نه ٿو لڳي ته پنجاب مان ڪڻڪ افغانستان وئي ھُجي، پر سنڌ مان ڪڻڪ پنجاب وڃڻ جون شاھديون موجود آھن. ھن واضح ڪيو ته آئين موجب ڪنهن به صوبي کي ٻئي صوبي ۾ ويندڙ ڪڻڪ روڪڻ جو اختيار حاصل ناھي. ھن چيو ته پريا ڪماري جو معاملو انتهائي سنجيدھ آھي ۽ اُن تي حڪومت جو موقف اڳواٽ ئي سامھون اچي چُڪو آھي. مصطفيٰ ڪمال بابت سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته مصطفيٰ ڪمال کي ڌرڻو نه ڏيڻ گھرجي، پر پھرين وفاقي وزارت تان استيعفا ڏئي سيٽ ڇڏڻ گھرجي ۽ ضمني چونڊون وڙھي خبر پئجي ويندي. پاڻي جي کوٽ بابت سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت کي خط لکي مطالبو ڪيو آھي ته سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ارسا پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي معاھدي موجب صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي قيادت جو قربانيون ڏنيون، سختيون ڀوڳيون پر ڪڏھن به قومي ادارن جي خلاف ڳالهه نه ڪئي. ھن چيو ته پرويز مشرف کي وردي ۾ ايوان صدار ۾ ويھارڻ وارين پارٽين ۾ ايم ايم اي به شامل ھُئي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ھي شھر ملڪي معيشت جي بنياد آھي، پنجاب ۾ بين الاضلاعي موٽر ويز تعمير ڪيون پيون وڃن، پر وفاق سنڌ ۾ ڪو وڏو موٽر وي منصوبو نه پيو شروع ڪري، جيڪا ڳالهه صوبي، ملڪي معيشت سان زيادتي آھي. سيد ناصر حسين شاھ جي صحت بابت سوال جي جواب ۾ ھن ٻڌايو ته صوبائي وزير سيد ناصر شاھ دُبئي ۾ موجود ھو، جتي سندس دماغ ۾ بلڊ ڪلاٽ جي ڪري سندس طبعيت خراب ٿي وئي، کيس اُتي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھن چيو ته اُن جو مطلب اھو ناھي ته سنڌ ۾ علاج جون سھولتون موجود ناھن پر اڄ به صوبي ۾ جديد ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتالون موجود آھن. ھن وڌيڪ چيو ته صوبي جي وحدت خلاف ڳالهه ڪرڻ وارا اصل ۾ ٽڪراءُ چاھين ٿا ته جيئن سندن مرده سياست کي نئين زندگي ملي سگھي، حڪومت اھڙي ڪنهن به قسم جي قدم کان پاسو ڪندي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ارسا پنهنجي ذميواري ادا ڪندي سمورن صوبن کي ٺاھ موجب سندن حصي جو جائز پاڻي فراھم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو