ٻٻرلوءِ ۾ ويٺل مائرن جون اکيون ٻارن جي سلامتي ۽ انصاف جي آس تي لڳل آهن

ٻٻرلوءِ ۾ ويٺل مائرن جون اکيون ٻارن جي سلامتي ۽ انصاف جي آس تي لڳل آهن

ڪراچي/ ٽنڊومحمد خان (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي تہ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ واري پئي اُڏامي، سنڌ جون سون ورنيون زمينون اڄ غير آباد ۽ ڪمند، ساريالو فصل، مرچن سميت لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي ويا آهن، گذريل ڪيترن ئي مهينن کان حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽي ۽ سجاول سميت لاڙ جي ٻين شهرن ۾ آبادگار لاڳيتو احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. درياءَ جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، سوڪهڙي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب مظلوم بڻيل لاڙ جو شاهوڪار خطو اڄ حڪومت، سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي توجهه جو طالب آهي، هتان جا ماڻهوءَ، هتان جون زمينون، هتان جون ڍنڍون، ڍورا، سرڪار کان حڪومت، نوڪريون ۽ عهدا نه بلڪه صرف پاڻيءَ گهري رهي آهي. سنڌ ۾ لاڳيتو 18 سالن کان حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽيءَ ” مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو هڻي مودي مٿان ڦٽڪار ته ڪري ٿي، پر مقامي وڏيرن، ڀوتارن ۽ ڪرپٽ روينو جي عملدارن کان ننڍن آبادگارن جو پاڻي چوري ٿيڻ کان نٿي بچائي سگهي جيڪا ڳالهه منافقت ۽ ٻٽي پاليسي جو چٽو ثبوت آهي. جماعت اسلامي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، امن امان جي بحالي، پريا ڪماري، فضيله سرڪي، اُجالا سولنگي سميت اغوا ٿيل معصوم ٻارن جي بازيابي، مهانگائي، بجلي جي لوڊشيڊنگ سميت هر مسئلي تي ڀرپور احتجاج ڪيو آهي، پاڻيءَ جي مسئلي تي به سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊومحمد خان ۾ جماعت اسلامي جي هڪ اعلى سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي اڳواڻ الطاف ملاح، سھيل احمد، ضلعي امير حافظ لعل محمد سولنگي، مقامي امير پير مُسلم جان سرهندي، فاروق نظاماڻي، اڪرم بيگ، عامر منصوري، عبدالوحيد نظاماڻي سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ وڌيڪ چيو ته ٽنڊومحمد خان جنهن کي ” لاڙ جو گيٽ وي“ به چيو وڃي ٿو اڄ منشيات جي لعنت، بيروزگاري ۽ بدامني جي وَر چڙهيل آهي، هتي جون صنعتون فوجي شگر ملز، سيري شگر ملز بند جڏهن ته آچر جي مال پڙيءَ کي به سياسي انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻائي هتان جي لکين ماڻهن جي روزگار تي راتاهو هنيو ويو جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. اڄ پَريا ڪماري جي بازيابي لاءِ اڄ به ٻٻرلوءَ ۾ سخت گرمي، تيز سج ۽ قيامت خيز موسم جي باوجود مائرون پنهنجن معصوم ٻارن سان گڏ روڊ تي ويٺيون آهن، پر بي حس ۽ نااهل حڪمران ٽولي جي ڪن تي جونءُ به نٿي سُري، سنڌ پوليس کي عوام جي تحفظ بدران حڪمران ٽولي جي ڪمداري تي لڳايو ويو آهي. ٻٻرلوءِ ۾ ويٺل مائرن جون اکيون پنهنجي ٻارن جي سلامتي ۽ انصاف جي آس تي لڳل آهن. سندن تڪليف کي سياسي عينڪ سان ڏسڻ بدران انساني همدردي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جو ڦورن جي هٿان قتل نه رڳو شهر ۾ لاقانونيت ۽ بدامنيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو.ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌندڙ لهر کي روڪڻ لاءِ مستقل ۽ مؤثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو