اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان معاون خصوصي ميڊيا افتخار دراني کي ڪابينا مان ڪڍي ڇڏيو. ذريعن مطابق ڪابينا ڊويزن جي لسٽ ۾ افتخار دراني جو نالو موجود نه هيو ان کي ڪابينا مان ڪڍڻ کان پوءِ ڪابينا ميمبرن جو تعداد 47 ٿي ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪابينا ۾ 25 وفاقي وزيير، 4 مملڪتي وزير شامل آهن جن ۾ 5 مشير ۽ 13 خصوصي معاون به ڪابينا ۾ شامل آهن. ذريعن مطابق افتخار دراني کان وزيراعظم آفيس ۾ موجود دفتر به واپس ورتو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جي معاون خصوصي اطلاعات فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته افتخار دراني استعيفيٰ ڏني آهي.










