جي ايس ايم يو سينيٽ جو نائون اجلاس ، اهم معاملن جو جائزو

جي ايس ايم يو سينيٽ جو نائون اجلاس ، اهم معاملن جو جائزو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (JSMU) جي سينيٽ جو نائون اجلاس ڇنڇر ڏينهن پرو چانسلر ۽ سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊن واري وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. جي ايس ايم يو جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ سينيٽ جي ميمبرن ۽ معزز مھمانن کي ڀليڪار ڪيو، جنهن بعد اجلاس جي باقاعده شروعات ڪئي وئي. ڊائريڪٽر فنانس خرم خالد يونيورسٽي جي بچت (سرپلس) بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ يونيورسٽي جي پنهنجي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ گرانٽس جو ( تقابلي ) ڀيٽيندڙ جائزو پڻ شامل هو. اجلاس دوران وائيس چانسلر چيو ته ملڪ جون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون پگهارن ۽ پينشن جي وڌندڙ خرچن سبب مالي دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيون آهن. هن سينيٽ کي آگاهه ڪيو ته جي ايس ايم يو پنهنجي سمورن ڪيمپسز کي شمسي توانائي (سولر انرجي) تي منتقل ڪري مستقل خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. ڪوالٽي انھانسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر يونيورسٽي جي سالياني اهم ڪارڪردگي جي اشارن (KPIs) ۽ ايندڙ سالن جي ڪارڪردگي جا هدف پيش ڪيا. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران اقليتي شاگردن لاءِ مقرر ڪيل ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ جو پڻ جائزو ورتو ويو. وائيس چانسلر ٻڌايو ته جي ايس ايم يو ميڊيڪل ڪاليج ۾ اقليتي شاگرد پهريان ئي اوپن ميرٽ تي وڏي انگ ۾ داخلا حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪا الڳ ڪوٽا تحت موجود سيٽن کان به وڌيڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) جي قاعدن موجب ميڊيڪل ۽ ڊينٽل پروگرامن ۾ ڪوٽا جي بنياد تي داخلا جي اجازت ناهي. سينيٽ جي ميمبرن، خاص ڪري پروفيسر شائسته آفندي، اقليتي شاگردن جي شاندار تعليمي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته هو ميرٽ تي ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيا آهن. يونيورسٽين ۽ بورڊن واري کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ان معاملي تي وڌيڪ غور لاءِ يونيورسٽي کي باقاعده ڪيس موڪلڻ جو مشورو ڏنو. وائيس چانسلر سنڌ جي صحت کاتي کان مالي سال جي چوٿين ٽماهي جي بجيٽ وقت تي جاري ڪرڻ ۾ سهڪار ڪرڻ جي پڻ درخواست ڪئي. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته هاڻوڪي مالي سال دوران بجيٽ جاري ٿيڻ ۾ دير سبب ڪيترائي سرڪاري کاتا متاثر ٿيا آهن. سينيٽ سپراينيويشن (ريٽائرمينٽ) کانپوءِ فيڪلٽي ميمبرن جي ٻيهر مقرري بابت پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) جي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏني، جنهن موجب ريٽائرڊ فيڪلٽي جي ٻيهر مقرري سان جونيئر فيڪلٽي جي ترقي جا موقعا متاثر نه ٿيندا. وائيس چانسلر چيو ته هيءَ پاليسي خاص طور تي ڪلينيڪل شعبن ۾ فيڪلٽي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، جتي ريٽائرمينٽ سبب تدريسي ۽ طبي خدمتون متاثر ٿينديون آهن. اجلاس خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتو. پرو وائيس چانسلر پروفيسر نگهت شاهه شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو جڏهن ته اجلاس جي ميزباني رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو