پاڪستان لاءِ 37 ڪروڙ 59 لک ڊالر قرض جي منظوري

پاڪستان لاءِ 37 ڪروڙ 59 لک ڊالر قرض جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 37 ڪروڙ 59 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پڌرائيءَ (اعلاميي) موجب، ورلڊ بئنڪ 10 سالا توانائي پروگرام جي پهرين مرحلي لاءِ فنڊ فراهم ڪندي، مالي مدد بجليءَ جي فراهمي (ترسيل) جو نظام بهتر بڻائڻ تي خرچ ڪئي ويندي، ان رقم سان قومي پاور گرڊ کي جديد بڻائڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو، جنهن سان بجليءَ جي لوڊشيڊنگ (بندش) ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. عالمي بئنڪ موجب، ونڊ پاور جي وڌيڪ 640 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي ويندي، هي منصوبو نئين ٿيڻ جوڳي (قابلِ تجديد) توانائيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جديد ٽرانسميشن نظام سان بجليءَ جي لاڳت (قيمت) گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، هي منصوبو گهريلو، صنعتي ۽ تجارتي صارفين کي بجليءَ جي بهتر فراهميءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پڌرائيءَ موجب، پروگرام تحت پاڪستان ۾ بجليءَ جي نظام کي موسمي تبديلين (موسمياتي تبديلين) جي لحاظ کان وڌيڪ محفوظ بڻايو ويندو، منصوبي سان هر سال تقريبن 8 لک 32 هزار ٽن ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي متوقع آهي، هي منصوبو حڪومت جي پاور سيڪٽر سڌارن کي پڻ هٿي ڏيندو. ورلڊ بئنڪ موجب، منصوبي سان بجليءَ جي ترسيل بهتر ٿيندي ۽ نظام وڌيڪ مستحڪم ٿيندو، پاڪستان ۾ قابلِ تجديد توانائيءَ جو حصو وڌائڻ جي ڪوششن کي طاقت ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو