ڪراچيءَ ۾ تيز هوايون هلڻ ۽ هلڪي بوندا باندي جو امڪان

ڪراچيءَ ۾ تيز هوايون هلڻ ۽ هلڪي بوندا باندي جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ گهميل (مرطوب) رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي شهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن تيز هوايون هلڻ ۽ ڪٿي ڪٿي هلڪي ڦڙا ڦڙي (بوندا باندي) جي اڳڪٿي به ڪئي آهي.ڪراچيءَ ۾ اڄ وڌ ۾ وڌ پد (درجۂ حرارت) 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، شهر جي هوا ۾ گهم جو تناسب 75 سيڪڙو آهي ۽ سمنڊ جي طرف کان هوايون 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو