ڊيم تي حملو: ايس پي زيارت معطل، انڪوائري ڪميٽي قائم

ڊيم تي حملو: ايس پي زيارت معطل، انڪوائري ڪميٽي قائم

ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي احڪامن تي مانگي ڊيم دهشتگرد حملي کانپوءِ ايس پي زيارت کي معطل ڪيو ويو.
ذريعن ٻڌايو ته واقعي جي جاچ لاءِ چيئرمين سي ايم آءِ ٽي (CMIT) جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
ٻئي طرف بلوچستان جي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي ۾ سيڪريٽري ايس اينڊ جي اي ڊي (S&GAD)، سينيئر ڊي آءِ جي پوليس ۽ انٽيليجنس بيورو (IB) جا نمائندا شامل هوندا. ڪميٽي دهشتگرد حملي کان اڳ، حملي دوران ۽ پوءِ جي سمورن واقعن، سيڪريٽريٽ انتظامن ۽ ردعمل جو تفصيلي جائزو وٺندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي سيڪيورٽي ادارن جي تيارين، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول، پاڻ ۾ رابطي ۽ اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجر (SOPs) تي عملدرآمد جو به جائزو وٺندي. غفلت، ڪوتاهي، آپريشنل خامين يا ذميواري جو تعين ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي ويندي.
ان کان علاوه، بلوچستان جي وڏي وزير جي معاون شاهد رند موجب، انڪوائري ڪميٽي مانگي ڊيم ۽ صوبي جي ٻين اهم تنصيبات جي تحفظ لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدت وارا سيڪيورٽي اپاءَ تجويز ڪندي، جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ پاليسي، ادارتي ۽ آپريشنل اصلاحات به پيش ڪندي.
نوٽيفڪيشن ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته ڪميٽي کي رڪارڊ طلب ڪرڻ، لاڳاپيل آفيسرن کي گهرائڻ، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ، واقعي واري جاءِ جو معائنو ڪرڻ ۽ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جا مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن. ڪميٽي 15 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ بلوچستان حڪومت کي پيش ڪندي.
وڌيڪ برآن، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي واضح ڪيو آهي ته عوام جي جان و مال جي تحفظ ۾ غفلت يا نااهلي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو