حڪومت پاران گيس جي قيمتن ۾ گھٽتائي نه ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت پاران گيس جي قيمتن ۾ گھٽتائي نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پاران گيس جي قيمتن ۾ گھٽتائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، تفصيلن موجب، پيٽروليم ڊويزن جي هڪ سينئر عهديدار ٻڌايو آهي ته اوگرا (OGRA) سوئي سدرن ۽ سوئي نادرن لاءِ سراسري مقرر ڪيل قيمت 1,793 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو (MMBTU) مان گھٽ ڪري 1,705 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي آهي. رپورٽ موجب، گيس ڪمپنين لاءِ ٽيرف ۾ ان گھٽتائي جي باوجود حڪومت مالي سال 27-2026ع دوران عوام لاءِ گيس جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ گيس جي قيمتن ۾ ڪا به گھٽتائي نه ڪئي ويندي. حڪام جو چوڻ آهي ته گيس جا اگهه برقرار رکڻ جو مقصد ٻنهي گيس ڪمپنين جي مالي پوزيشن کي مستحڪم بڻائڻ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ان فيصلي بابت باضابطا طور تي آئي ايم ايف (IMF) کي پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو