لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آئي اڳواڻ ميان محمود الرشيد 9 مئي جي ڪيس ۾ مليل سزا کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو. ميان محمود الرشيد وڪيل سڪندر ذوالقرنين جي معرفت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل دائر ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مغلپورا ۾ پوليس گاڏيون ساڙڻ واري ڪيس ۾ سزا حقيقتن جي ابتڙ ٻڌائي وئي.درخواستگذار محمود الرشيد اپيل ۾ چيو ته رڪارڊ تي منهنجي خلاف ڪي به ثبوت ناهن، انڪري عدالت 10 سالن جي قيد واري سزا کي ڪالعدم (ختم) قرار ڏئي. واضح رهي ته 20 جون تي ٽرائل ڪورٽ ميان محمود الرشيد کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد جي سزا ٻڌائي هئي.










