لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) ايندڙ 2 ڏينهن دوران پنجاب جي گهڻن ضلعن ۾ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب لاهور، راولپنڊي، مري، گلياتي، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاؤالدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزير آباد، فيصل آباد، خوشاب ۽ سرگوڌا ۾ برسات متوقع آهي، جڏهن ته ساهيوال، شيخوپورا، سيلڪوٽ، نارووال، جھنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگھ، ننڪانه صاحب، چنيوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به مينهن جو امڪان آهي.ان کان علاوه چنيوٽ، اوڪاڙا، قصور، نورپور ٿل، بخر، ميانوالي، لياه، بهاولپور، بهاولنگر، ڊيرا غازي خان، ملتان، خانيوال، لودهران، مظفر ڳڙهه، ڪوٽ اڏو، رحيم يار خان ۽ راجن پور ۾ به برسات ٿي سگهي ٿي. ڊي جي پي ڊي ايم اي عمر جاويد موجب، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، برساتن سبب درياهن ۽ ندي نالن جي وهڪري ۾ واڌ ٿيندي. هن هدايت ڪئي ته آسماني وڄ کان بچڻ لاءِ محفوظ جڳهن تي رهو، وڄ جي گجگوڙ دوران کليل جڳهن تي هرگز نه وڃو، مٽي جي طوفان ۽ تيز آنڌي جي ڪري محفوظ هنڌن تي پناهه وٺو، ۽ سياح اترين علائقن (شمالي علائقن) جي سفر دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.










