اڄ کان 10 جولاءِ تائين برساتن جو امڪان، ندين نالن ۾ چاڙهه

اڄ کان 10 جولاءِ تائين برساتن جو امڪان، ندين نالن ۾ چاڙهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ واري قومي اداري نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب، اڄ 6 جولاءِ کان ڪشمير، بالائي خيبرپختونخوا، اسلام آباد، پوٺوهار ۽ اتر-مشرقي پنجاب ۾ گجگوڙ ۽ چمڪ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.7 کان 10 جولاءِ دوران سنڌو ندي، جهلم، چناب، راوي ۽ ستلج جي بالائي ۽ ويجهن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز (موسلادار) برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي 7 جولاءِ تي اسلام آباد، پوٺوهار، ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، اتر پنجاب ۽ اتر بلوچستان ۾ برساتن جي شدت ۾ اضافي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اداري جو چوڻ آهي ته متوقع برساتن جي ڪري تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد ۾ معمولي اضافو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته 7 کان 10 جولاءِ دوران سنڌو ندي، جهلم، چناب، راوي ۽ ستلج ۾ به پاڻي جي وهڪري ۾ معمولي اضافي جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي واضح ڪيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ وڏي پيماني تي ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي، تنهن هوندي به جبلن جي ندي نالن ۽ ننڍن برساتي نالن ۾ اچانڪ پاڻي جي وهڪري ۾ مقامي سطح تي اضافو ٿي سگهي ٿو. حساس بالائي علائقن ۾ ٻوڏ، جڏهن ته شديد برسات دوران شهري ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهڻ ۽ ٻوڏ جهڙي صورتحال جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ (جبلن جي کسڪڻ) ۽ مٽي جا تودا ڪرن جو به خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو