نوشهروفيروز: (ن س) گهٽيءَ ۾ سائيڪل سوار کان آئسڪريم خريد ڪري کائڻ سبب هڪ ٻارڙو فوت جڏهن ته 4 بيهوش ٿي ويا.تفصيل موجب سنڌ جي ضلعي نوشهروفيروز جي شهر ڪنڊيارو ۾ هڪ انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو جتي گهٽي ۾ ڦيري ڏيندڙ کان خريد ڪيل هاڃيڪار آئسڪريم کائڻ سبب هڪ معصوم ٻار فوت جڏهن ته 4 بيهوش ٿي ويا. پوليس ٻڌايو ته ڪنڊيارو جي رهواسي ٻارن گهٽيءَ ۾ آيل هڪ سائيڪل تي آئسڪريم وڪرو ڪندڙ کان آئسڪريم خريد ڪري کاڌي هئي. آئسڪريم کائڻ سان ئي ٻارن جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي ۽ هو بيهوش ٿي ڪري پيا.صحت لاءِ هاڃيڪار آئسڪريم کائڻ سبب فوت ٿي ويل معصوم ٻار جي سڃاڻپ 3 ورهين جي ساحل جي نالي سان ٿي آهي جيڪو زهريلي آئسڪريم جو اثر برداشت نه ڪري سگهيو ۽ فوت ٿي ويو. بيهوش ۽ سخت متاثر ٿيل ٻارن ۾ 7 ورهين جو حسنين ۽ 5 ورهين جو حسين شامل آهن. جن کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.واقعي جي اطلاع ملندي ئي مقامي پوليس موقعي تي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارن جي زندگين سان کيڏندڙ سائيڪل تي آئسڪريم وڪرو ڪندڙن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي انهن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.










