ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ٽئين ڏينهن به شهر ۾ جاري نالن جي صفائي مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف هنڌن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن آءِ آءِ چندريگر روڊ ڀرسان ريلوي ڪالوني ۾ واقع سٽي نالي جو معائنو ڪيو. ساڻس گڏ ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي ابرار جعفر، سٽي ڪائونسل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو پارلياماني ليڊر ڪرم الله وقاصي، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز اقبال نواز، ڪي ايم سي جا لاڳاپيل آفيسر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.ميئر ڪراچي چيو ته شهر جي ڊائون ٽائون واري علائقي جي ويجهو واقع هي نالو انتهائي اهميت جو حامل آهي، تنهن ڪري مون سون جي موسم کان اڳ ان کي مڪمل طور صاف ڪيو پيو وڃي ته جيئن برساتي پاڻي جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته نالن جي صفائي جو ڪم مقرر وقت اندر اعليٰ معيار موجب مڪمل ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.هن چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ڀرپور ڪوشش آهي ته نه رڳو نالن جي صفائي وارو ڪم بهترين نموني مڪمل ڪيو وڃي، پر مون سون جي حوالي سان ٻيا سڀ ضروري انتظام پڻ وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن ٻڌايو ته نالن جي صفائي جو هي سلسلو 15 سيپٽمبر تائين جاري رهندو ۽ ضرورت پوڻ تي ڪي ايم سي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ تيار آهي.ميئر ڪراچي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته نالن مان ڪڍيل گندگي، ڪچرو ۽ ملبو فوري طور مقرر ڪيل هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن ٻيهر نالن ۾ رڪاوٽ پيدا نه ٿئي ۽ ڀرپاسي جي روڊن ۽ رهائشي علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه اچي. هن وڌيڪ چيو ته صفائي جي سمورن مرحلن جي روزاني بنيادن تي نگراني ڪئي وڃي ۽ جتي ضرورت هجي اتي اضافي مشينري ۽ عملو پڻ مقرر ڪيو وڃي.بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي مون سون جي ممڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، جنهن تحت وڏن ۽ ننڍن نالن جي صفائي، برساتي پاڻي جي نيڪال واري نظام جي بهتري ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته شهرين کي بهتر بلدياتي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ برساتن دوران معمولاتِ زندگي کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ ڪي ايم سي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.هن وڌيڪ چيو ته هو پاڻ روزاني بنيادن تي صفائي واري ڪم جي نگراني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته چونڊيل عوامي نمائندا پڻ مختلف علائقن ۾ جاري ڪم جي مسلسل مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن، جيئن مون سون دوران شهرين کي بهتر بلدياتي سهولتون مهيا ڪري سگهجن ۽ نيڪالِ آب جو نظام هر وقت مؤثر ۽ فعال رهي.










