سيڙپڪاري پاليسي، ٿرڊ پارٽي آڊٽ، سميت ٻين  سڌارن جي منظوري

سيڙپڪاري پاليسي، ٿرڊ پارٽي آڊٽ، سميت ٻين سڌارن جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن کاتي نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ (SEEF) ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سيڙپڪاري، ٿرڊ پارٽي آڊٽ، اسڪالرشپ نظام جي ڊجيٽلائيزيشن، نون تعليمي ادارن جي شموليت ۽ موجوده يونيورسٽين جي سيٽن جي ٻيهر ترتيب سميت اهم معاملن تي تفصيلي ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسپيشل سيڪريٽري فرخ شهزاد، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن غنور علي لغاري، وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پروفيسر آصف احمد شيخ، چيف انويسٽمينٽ آفيسر فنانس رضا عباس، ڊائريڪٽر فنانس آءِ بي اي ڪراچي معيد سلطان سميت لاڳاپيل ادارن جي نمائندن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري نديم ميمڻ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڙپڪاري پاليسي جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ مالياتي ماهرن جي خاص ڪميٽي جوڙي ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته فنڊز جي سيڙپڪاري مان وڌ کان وڌ منافعو حاصل ڪيو وڃي، پر سمورا قدم قانون، ضابطن، حڪومتي پاليسي، بائي لاز ۽ ٻين لاڳاپيل ضابطن موجب کنيا وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مالي سال 2025-26 لاءِ ٿرڊ پارٽي آڊٽ فرم جون خدمتون ٻن سالن لاءِ حاصل ڪيون وينديون. سيڪريٽري نديم ميمڻ هدايت ڪئي ته مقرري جو سمورو عمل سپرا قانونن موجب مڪمل ڪيو وڃي، اين آءِ ٽي جاري ڪري شفاف مقابلي واري عمل ذريعي گهٽ ۾ گهٽ مناسب ٻولي ڏيندڙ فرم جي چونڊ ڪئي وڃي، جڏهن ته سموريون منظوريون ۽ خريداري جا مرحلا قانون ۽ ضابطن موجب مڪمل ڪيا وڃن.اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ جي اسڪالرشپ نظام جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ اسمارٽ پورٽل تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن منظوري لاءِ بورڊ آڏو پيش ڪيو وڃي ۽ ايندڙ سال لاڳو ٿئي.اجلاس ۾ نون تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين کي ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ (SEEF) ٽرسٽ پينل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواستن جو به جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ موجوده يونيورسٽين ۽ ادارن جي سيٽن جي ٻيهر ترتيب واري معاملي تي مالي وسيلن ۽ خرچن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن تي سيڪريٽري نديم ميمڻ خاص ڪميٽي جوڙي هڪ هفتي ۾ سفارشون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ واضح هدايتون جاري ڪيون ته کاتي کي مالي خساري کان هر صورت ۾ بچائڻو پوندو ۽ دستياب وسيلن جو بهترين استعمال يقيني بڻايو وڃي. وڌيڪ خرچ وارن ادارن جي سيٽن جو ٻيهر جائزو وٺو ته جيئن ساڳين وسيلن مان وڌ کان وڌ مستحق شاگردن کي تعليمي موقعا فراهم ڪري سگهجن. اسان کي نجي ادارن تي غير معمولي خرچن بدران ساڳي رقم مان وڌيڪ ۽ مستحق شاگردن کي موقعا فراهم ڪرڻا آهن. کاتي جو مالي استحڪام ۽ وڌ کان وڌ شاگردن جو مفاد اولين ترجيح آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو