ڪجهه قومي مامرن سبب اسان جا پاڻ ۾ رابطا رهندا آهن،مولانا

ڪجهه قومي مامرن سبب اسان جا پاڻ ۾ رابطا رهندا آهن،مولانا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جڏهن به مشڪلاتون هونديون آهن ته مولانا صاحب جي تجربن مان فائدو وٺندا آهيون، مولانا فضل الرحمان جي ثالثي واري آڇ مان فائدو ورتو وڃي.اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان سڀني جي خواهش آهي ته آزاد ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي. هن چيو ته اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن سان آزاد ڪشمير جو بحران حل ٿي سگهي، اهو تمام ضروري آهي ته آزاد ڪشمير جون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪشمير جي صورتحال تي پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان چاهيون ٿا ته آزاد ڪشمير جي مسئلن جو حل نڪري. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ جيهوآئي کي تحريڪون هلائڻ جو تمام سٺو تجربو آهي، مولانا فضل الرحمان کان سياسي طور تي مدد وٺندا رهندا آهيون. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اسان حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته مولانا فضل الرحمان جي ثالثي واري آڇ مان فائدو ورتو وڃي، اهو تمام ضروري آهي ته ڪشمير جي چونڊ تڪراري نه هجي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته قومي معاملا ڪجهه اهڙا هوندا آهن جن جي ڪري پاڻ ۾ رابطا ٿيندا آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ايڪشن ڪميٽي ڌرڻو هنيو ويٺي آهي، ان ڪميٽي مون کي ثالثي جي آڇ ڪئي، بلاول ڀٽو پارليامينٽ ۾ منهنجي ثالثي جي حمايت ڪئي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت ۾ به بلاول ڀٽو موجود آهي، وزيراعظم کي به پيغام وڃي رهيو آهي، اميد آهي ته وزيراعظم هاڪاري قدم کڻندو. بلاول ڀٽو زرداري جو هتي اچڻ هڪ اڳڀرائي آهي، 12 سيٽن جي ڳالهه ڳالهين جي ميز تي طئي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو