راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ ڪهوٽا عدالت مان پيشيءَ کانپوءِ واپسيء تي اڊيالا جيل جي 14 قيدين جي جيل وين مان فرار ٿيڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس اختيارين موجب، ڊيوٽيءَ تي مقرر اڊيالا جيل جي گارڊ انچارج سميت 5 اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته سندن موبائل فون به قبضي ۾ ورتا ويا آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ ايس پي هيڊڪوارٽر کي عهدي تان هٽائي لاهور رپورٽ ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر امتياز احمد کي فوري طور تي معطل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان آءِ جي پنجاب پاران آر پي او راولپنڊي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فرار ٿيل قيدين جي گرفتاريءَ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.










