لاهور ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد جھٽڪا

لاهور ۽ اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد جھٽڪا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد، لاهور ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا شديد جھٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.اسلام آباد ۽ راولپنڊي ريجن ۾ به زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.پنجاب ۾ لاهور، ميانوالي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن، چڪوال شهر ۽ آسپاس ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.ان کان علاوه، خيبرپختونخوا ۾ پشاور، شانگلا، بونير، مردان، چارسده، سوات، صوابي، ڪوهاٽ، ڪرق، مالاڪنڊ، باجوڙ، هنگو، لوئر دير، ڏکڻ وزيرستان لوئر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.آزاد ڪشمير ۾ وادي نيلم ۽ مظفرآباد سميت آسپاس جي علائقن ۾ پڻ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.گلگت بلتستان ۾ ديامر شهر ۽ آسپاس ۾ زلزلي جا شديد جھٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.زلزلي جي ماپ واري مرڪز (زلزله پيما مرڪز) موجب، زلزلي جي شدت 5.9 ۽ زلزلي جي گهرائي 178 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي جي ماپ واري مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش ريجن هو. زلزلي جا جھٽڪا شام جو 6 وڳي 35 منٽن تي محسوس ڪيا ويا.يورپي زلزلي واري مرڪز موجب، افغانستان جي هندوڪش ريجن ۾ زلزلي جي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي.پشاور ۾ زلزلي جي ڪري خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس 5 منٽن لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو