نيول اڪيڊمي پي اين ايس رهبر ۾ ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ

نيول اڪيڊمي پي اين ايس رهبر ۾ ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان نيول اڪيڊمي پي اين ايس رهبر ۾ شاندار پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي.پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته هو سخت تربيت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان بحريه ۾ بطور آفيسر پنهنجون ذميواريون سنڀالي رهيا آهن، هن تقريب ۾ ترڪي، بحرين، بنگلاديش، عراق، سريلنڪا ۽ جيبوتي سان تعلق رکندڙ نوجوان آفيسرن جي موجودگي تي به خوشي جو اظهار ڪيو. پاڪستان نيول اڪيڊمي ۾ 125 مڊشپ مين ۽ 33 هين شارٽ سروس ڪورس جي پاسنگ آئوٽ جي وقار واري تقريب ۾ پاس آئوٽ ٿيندڙن ۾ بحرين، عراق ۽ جيبوتي جا مڊشپ مين به شامل آهن. شارٽ سروس ڪميشن ڪورس جي آفيسر ڪيڊٽ الويره حمزه کي ڪمانڊنٽ گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو، آفيسر ڪيڊٽ حافظ محمد احمد منور کي چيف آف ڊيفنس فورسز گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. اڪيڊمي ڊرڪ مڊشپ مين جو اعزاز هادي عباس خان کي ڏنو ويو، مڊشپ مين عمر مختار کي بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي شمشير سان نوازيو ويو. تقريب ۾ وفاقي دفاع وارو وزير خواجه آصف، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، سنڌ جو گورنر نهال هاشمي، وفاقي اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ، پاڪ بحريه جا اعليٰ اختيارين، سياسي توڙي عسڪري شخصيتون ۽ ڪيڊٽس جا گهرڀاتي به شريڪ ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو