دبئي (ويب ڊيسڪ) عمان جي ڏکڻ-مشرقي ساحلي علائقي ۾ ڪارگو جهاز تي پروجيڪٽائل حملي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. برطانوي ميري ٽائيم ايجنسي موجب، عمان کان ساڍا 7 ناٽيڪل ميل پري موجود جهاز تي حملو ٿيو. نامعلوم پروجيڪٽائل جي حملي سبب جهاز جي اڳئين حصي کي نقصان پهتو.ان حملي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب، برينٽ خام تيل جي قيمت 1.52 ڊالر يا 2.1 سيڪڙو اضافي کانپوءِ 75.26 ڊالر في بيرل تي بند ٿي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آئي (WTI) خام تيل 1.58 ڊالر يا 2.3 سيڪڙو اضافي سان 71.92 ڊالر في بيرل تي اچي ويو. نيوز ايجنسي موجب، گذريل ڏينهن خام تيل جون قيمتون 27 فيبروري کانپوءِ پنهنجي گھٽ ۾ گھٽ سطح تي بند ٿيون هيون، جيڪا جنگ شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ واري صورتحال هئي. واضح رهي ته عمان ويجهو ڪارگو جهاز تي نامعلوم پروجيڪٽائل لڳڻ واري واقعي کانپوءِ اهم آبي لنگهه “آبنائي هرمز” مان جهازن جي نيڪاليءَ جون ڪوششون عارضي طور تي روڪيون ويون آهن، جنهن ڪري عالمي سطح تي تيل جي فراهمي بابت خدشا ٻيهر پيدا ٿي ويا آهن.










